نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ موتمار ڪورونا وائرس سبب متاثرين جو انگ 2 ڪروڙ 96 لک کان به وڌي ويو آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ وائرس سبب هيستائين 3 لک 79 هزار کان به وڌيڪ ماڻهون اجل جو سڪار ٿيا اهن گذريل ڏينهن سڌ سماءِ وارن ذريعن موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 865404 آهي ڀارت ڪرونا وائرس جي مريضن جو ٻيون وڏو متاثر ملڪ آهي مختلف رياستن ۾ڪورونا وائرسبب متاثر ٿيل ماڻهن جو انگ 29633105 آهي اختيارين موجب ڀارت ۾ڪرونا وائرس سبب28388100 ماڻهون صحتياب ٿيا آهن. سڀ کان وڌيڪ متاثر رياست مهاراشٽر آهي ڪورونا وائرس جو سڀ کان وڌيڪ ايڪٽو ڪيس انهي رياست ۾ آهن . وزارت صحت موجب ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب هيستائين 379601 ماڻهون فوت ٿي چڪا آهن . گذريل 24 ڪلاڪن دوران رياستن ۽ مرڪز جي اهتمام هيڍ علائقن ۾ ڪورونا وائرس جا 62224 ڪيس درج ٿيا آهن ان دوران موتمار وائرس سبب 2542 ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا آهن .
121