124

پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاولن کان ويجها رابطا ۽ سهڪار انتهائي اهميت جوڳو آهي: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جي لاءِ سيليڪون ويلي ۽ دنيا جي ٻين حصن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ڄاول ماهرن جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاولن کان ويجها رابطا ۽ سهڪار انتهائي اهميت جوڳو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن سيليڪون ويلي جي ناليوارن ڪمپنين جي ماهرن سان آن لائن ملاقات دوران چئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير طرفان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاول ماهرن سان رابطن جي سلسلي ۾ گُهرايل اجلاس گذريل ڏينهن منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ترقي جي معاملن تي تفصيلي بحث ٿيو. وفاقي وزير چيو ته اهڙيءَ طرح جي رابطن سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وطن جي حقيقي صلاحيتن لاءِ لاڀ کڻڻ ۾ مدد ملندي. هن روشني وڌي ته ڊگري حاصل ڪرڻ باوجود پاڪستاني نوجوانن ۾ مناسب تربيت ۽ هنر جي کوٽ آهي، تربيت ۽ هنر سان اهي مقامي ۽ عالمي سطح تي سٺي نوڪري حاصل ڪري سگهن ٿا. هن نوجوانن کي ان ضروري صلاحيتن سان همڪنار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي انساني وسيلن جي ترقي، زراعت ۽ ايڪوا ايگريڪلچر، چپ ڊزائينگ، سائبر سيڪيورٽي ۽ بيٽريز جي شعبي ۾ خاص توجهه ڏني ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو