111

اپوزيشن وزيراعظم جو ڪجهه به بگاڙي نٿي سگهي:وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن وزيراعظم جو ڪجهه به بگاڙي نٿي سگهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهي ايندڙ چونڊن ۾به ڪجهه نه ڪري سگهندا،رڳو گوڙ ڪري رهيا آهن، هن چيو ته وزيراعظم زبردست بجيٽ پيش ڪئي آهي،پگهارن ۾به 10 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون،جو ملازمن جي پگهار ۾واڌ ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو