105

آئون به قانون ٽوڙيان ته ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته پاڻ پوليس خلاف ڪارروائي ڪندس: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان به قانون جي ڀڃڪڙي ڪريان ته پوليس ايڪشن وٺي،نه ته مان ڪارروائي ڪندس، اسلام آباد ۾ ايگل اسڪواڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته طاقتور طبقي ۽ قانون ٽوڙيندڙ جي لاءِ پوليس کي سخت ٿيڻ گهرجي ۽ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جنهن معاشري ۾امن هوندو آهي،اتي خوشحالي ايندي آهي،پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، جڏهن ته پوليس جي اندر ڪمزور طبقي جي لاءِ رحم هجڻ گهرجي،طاقتور طبقو قانون ٽوڙي ته اوهان کي سخت هجڻ گهرجي، معاشري ۾ انصاف ۽ قانون جي فقدان سبب اسان دنيا ۾پوئتي رهجي ويا آهيون طاقتور ۽ ڪمزرو لاءِ قانون الڳ الڳ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو