مورو (ويب ڊيسڪ) مورو شھر جي دادو روڊ حضوري پير محلا ۾ دڪان تي ويٺل 22 سالن جي نوجوان گل محمد ولد محراب سيال تي 3 نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪري ڏني جنھن سبب نوجوان سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي تعلقه اسپتال مورو آندو ويو اطلاع ملڻ تي سندس مٽ مائٽ ۽ شھري وڏي انگ ۾ اسپتال پھچي ويا جتي زخمي کي طبي امداد ڏيڻ بعد کيس وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو، لاش تعلقه اسپتال مورو آڻي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، اطلاع ملڻ تي مورو پوليس جاءِ واردات تي پھچي معلومات ورتي ۽ مقتول جي وارثن کان پڇا ڳاڇا ڪئي، ان موقعي تي مقتول جي چاچي عبدالله سيال ٻڌايو ته اسان جو پرويز ڪلھوڙو، ظفر ڪلھوڙو، امام بخش مگسي وارن سان پيسن جي ڏيتي ليتي جو معاملو ھلندڙ ھو، پيسا گھرڻ تان ھو مون کي ۽ منھنجي ڀائٽي کي ڌمڪيون ڏيندار رھندا ھئا، مٿين جوابدارن حملو ڪري منھنجي ڀائٽي کي قتل ڪيو، ھوڏانھن مورو پوليس ٻڌايو ته الزام ھيٺ آيل ڌر پنھنجا گھر خالي ڪري فرار ٿي وئي آھي، اسان سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا ھڻي رھيا آھيون، وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.
120