اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف سان قرضن تي شرط گهٽائڻ بابت پاڪستان جون ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سٺو پيڪيج ڏنوهو پر هن ڀيري اسان کي زهر جو ڍڪ ڀرڻو پيو. سينيٽ جي ناڻي بابت ڪميٽي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي شوڪت ترين جو چوڻ هو ته حڪومت جڏهن آئي ته گروٿ جي باوجود مسئلا گهڻا هئا، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 19 کان 20 ارب ڊالر هو، گڏيل طور تي مال خال 28 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو هو. هن ٻڌايو ته ڊالر ختم ٿيڻ جي ڪري اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، آءِ ايم ايف هن ڀيري پاڪستان سان فرينڊلي نه هو، پيپلز پارٽي جي دور ۾ آءِ ايم ايف سٺو پيڪيج ڏنو هو پر هن ڀيري اسان کي آءِ ايم ايف جي زهر جو ڍڪ ڀرڻو پيو. شوڪت ترين جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف وياج جي شرح 13.25 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ جو مطالبو ڪيو، ان سان هڪ سال ۾ قرضن جي لاڳت 1400 ارب رپيا وڌي وئي، پرڏيهي قرض جي لاڳت وڌي وئي، بجلي ۽ گيس جا اگهه به وڌايا ويا، ان سان مهانگائي وڌي ۽ انڊسٽري تي به ناڪاري اٿر پيا، ان سان معيشت سسي جو شڪار ٿي وئي. هن وڌيڪ چيو ته ايف بي آر طرفان ڌمڪائڻ جي اختيار جي شق ختم ڪنداسين ۽ قانون واري وزير کي چيو آهي ته گرفتاري جي شق کي تبديل ڪري.
103