102

پارليامينٽ قوم جي حقيقي ترجماني ڪرڻ ۾ناڪام وئي:سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته پارليامينٽ قوم جي حقيقي ترجماني ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. عوامي نمائندن کي عوام جو احساس هجي ها ته اسيمبليون جنگ جي ميدان ۾ تبديل نه ٿين ها. سياست مان اخلاقيات ڪڏهن جو وڃي چڪي آهي. حڪومت ٽن سالن ۾ ٻاويهه ڪروڙ پاڪستانين کي مصيبتن ۽ پريشانين کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي. وزير اعظم پنهنجي ڪيل واعدن مان هڪ به واعدو پورو نه ڪيو آهي جو ان کي ڳڻائي سگهي. بيرزگاري جي سونامي آيل آهي ۽ بيروزگاري جو طوفان به بي قابو ٿي ويو آهي. مهنگائي ۽ غربت عوام کي بدحال ڪري ڇڏيو آهي. غريب ۽ مڊل ڪلاس طبقو بدترين حالتن سان زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. بجٽ جي ٻن ڏينهن کان پوءِ عوام جي مٿان پيٽرول جو بم ڪرايو ويو آهي. اهو طريقو رهيو ته پيٽرول جي قيمت 150 روپين تائين وڌڻ جو خطرو آهي. حڪومت مهنگائي تي ڪنٽرول ڪري نه اسين روڊن تي نڪرنداسين. پي ٽي آئي جي پرڏيهي پاليسي ناڪام ۽ بيوسي جو نشان بڻجي وئي آهي. پوءِ به چئون ٿا ته ڪشمير جي مٿان سودي بازي تي مقابلو ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو