94

تيل قيمتن ۾واڌ رد،آءِ ايم ايف چوڻ تي عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو ويو آهي:سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت تيل قيمتن ۾واڌ رد ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف چوڻ تي عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو ويو آهي، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ ته عوام کي ڪو رليف نه ڏنو، پيٽرول وڌيڪ مهانگو ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي عوام جي کيسن تي ڌاڙو هنيو ويو، پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان مهانگائي وڌي ويندي آهي، بجيٽ جا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن، عمران خان کي اپيل آهي ته غريب ماڻهن تي رحم ڪيو،مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، هوڏانهن پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگي ٿيڻ سان فصلن جي تياري جا خرچ وڌندا ۽ زرعي جنسن جون قيمتون به وڌي وينديون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو