105

شاهين شاهه ۽ سرفراز جي جهيڙي سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل ۾ شامل ٽيمن لاهور قلندر جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ۽ ڪوئيٽا گليڊيٽيئر جي ڪپتان سرفراز احمد ۾ منهن ماري ٿي پئي، جنهن تي سوشل ميڊيا ۾ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته معاملو ٽوئيٽر تي به ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيو، ٻنهي ڪرڪيٽرن جي حامين مزاحيه ميمز توڙي هڪٻئي مٿان گٿن لفظن جي به ڏي وٺ ڪئي. گذريل ڏينهن ميچ ۾ شاهين شاهه آفريدي سرفراز کي بائونسر هنيو، جيڪو سندس هيلمٽ تي لڳو، بائونسر کانپوءِ سرفراز احمد شاهين شاهه کي معافي وٺڻ لاءِ چيو، جنهن تي هن انڪار ڪندي ساڻس منهن ماري ڪئي. هوڏانهن ٽوئيٽر تي سرفراز جي حامين جو چوڻ هو ته شاهين شاهه جونيئر آهي، هن کي سينيئر رانديگرن جي عزت ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف شاهين شاهه جي حامين مطابق ته اصل بيٽسمين بائونسر کان ناهي ڊڄندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو