160

”گاڏي ٿو روڪين“ تلهار ۾ بدمست ڊرائيور پيرسن اي ايس آءِ کي ٽرڪ هيٺان چيڀاٽي ماري ڇڏيو، گرفتار

تلھار/ بدين (ويب ڊيسڪ) تلهار ۾ بدمست ڊرائيور ٽرڪ چاڙهي اهلڪارن کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، گذريل ڏينھن صبح جي وقت ٽريفڪ جو جھونو اي ايس آءِ برڪت علي پنھيار گرڊ اسٽيشن تلھار جي سامھون پنھنجي سپاهه سان گڏ ڊيوٽي تي پھتو ته سامھون ميرواھ موري کان بدين طرف ويندڙ ڦل ڀريل 10ويلر تيز رفتار ٽرڪ آئي، جنھن کي سپاھين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٽرڪ ڊرائيور تيز رفتاري سان ٽرڪ کي اڳيان کڻي آيو سپاهين ڀڄي جان بچائي، جڏھن ته سامھون بيٺل اي ايس آءِ برڪت ٽرڪ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته بدمست ڊرائيور روڪڻ بجاءِ گاڏي سندس مٿان چاڙھي ڇڏي ۽ تقريبن پنج وال کن اڳيان ڳھليندو ويو،  اي ايس آءِ برڪت موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو، اطلاح تي تلھار پوليس ڊرائيورکي گرفتار ڪري فوتي برڪت علي کي کڻائي سول اسپتال تلھار پھچائي پوسٽ مارٽم ڪرايو، جنھن بعد شھيد اھلڪار جي پوليس لائين بدين ۾ سوين آلين اکين سان جنازي نماز پڙھائي وئ ، جنھن ۾ ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺار، ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح، اي ايس پي محمد عثمان خان، ڊي ايس پي پوليس هيڊ ڪوارٽر اصغر جٽ سميت ٻين سينيئر پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي. جنھن بعد سندس مڙھ اباڻي شھر دادو روانو ڪيو ويو، اي ايس آءِ برڪت پنھيار قافي عرصي کان تلھار جي ٽريفڪ سيڪشن ۾ مقرر ھو، شھر سميت پسگردائي جي ڪيترن ئي اتان لنگهندڙ ڳوٺاڻن سان سندس ذاتي ميل ملاقات پيدا ٿي وئي هئي، سندس اوچتي شھادت تي شهر ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو