ليکڪ: جاويد احمد شيخ
اسان جي معاشري ۾ هڪ عجيب ۽ غريب روايت جنم وٺي رهي آھي ته ڀلي ڪجهه اچي نه اچي انگريزي لازمي اچڻ کپي، ڀلي توهان ڪيترا به پڙهيل لکيل ڇو نه هجو، هوشيار ڇو نه هجو، يا کڻي ڪيترا به قابل ڇونه هجو، جيستائين انگريزي نٿا ڳالهايو معاشري ۾ اوهان کي اڻپڙهيل ئي تصور ڪيو وڃي ٿو، عجيب منطق آهي!!! ، اڄ تعليم ايتري مشڪل ۽ مهانگي ڇو ٿي وئي آهي؟ ڪڏهن اسان غور ڪيو آهي، ڇو اسان ٻارن کي مهانگن اسڪولن ۾ پڙهائڻ باوجود به ان منزل تي پهچي نه سگهيا آهيون؟ اسان جي ناڪامي جو سبب ڪهڙو آهي؟ شايد اهو ئي ته اسان پنهنجي طور طريقن کي ڇڏي پنهنجي ٻولي کي ڇڏي، ٻين ٻولين جي پويان لڳي پيا آهيون، انهن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳا آهيون ۽ دوستن وٽان اڪثر جواب اهو ٿو ملي ته انگريزي ترقي واري ٻولي آهي، اسان کي سکڻ گهرجي، آئون چوان ٿو بلڪل سکڻ گهرجي، دنيا جي هر ٻولي سکڻ گهرجي، ڇو ته ڪنهن به ٻولي سان نفرت نٿي ڪري سگهجي، پر ان لاءِ ڪجهه حدون آهن، آئون سوال ڪيان ٿو جيڪڏهن انگريزي ترقي واري ٻولي آهي ۽ ٻولي جي بنياد تي ئي ترقي ٿئي ٿي ته پوءِ هن وقت چائنا سڀني کان وڌيڪ ترقي ڪيئن ڪري ويو آهي؟ ڪو هڪ به اهڙو ملڪ ڏيکاريو، جنهن چائنا جي ترقي ڏسي پنهنجي ملڪ ۾ پرائمري سطح تائين چائنيز ٻولي پڙهائڻ شروع ڪئي هجي؟ جتي سرڪاري ادارن ۾ چائنيز باقاعده استعمال ٿيندي هجي؟ جي نه ته پوءِ اهو تاثر غلط آهي، چائنا اڄ ترقي يافتا ملڪ آهي، ڇو جو انهن جو سمورو نصاب پرائمري کان ويندي يونيورسٽي تائين پنهنجي ٻولي ۾ آهي، سرڪاري ادارن ۾ چائنيز رائج آهي، اڄ تائين چائنا ۾ چائنيز کانسواءِ ٻي ڪا به ٻولي قبول ناهي ڪئي وئي، آمريڪا ترقي يافتا ملڪ ان ڪري آهي جو انهن جو سڄو اسڪول سسٽم ۽ هائير ايجوڪيشن جو سڄو نظام انهن جي پنهنجي ماءُ ٻولي يعني انگريزي ۾ آهي، انگريزي انهن جي قومي ٻولي هجڻ ڪري انهن کي اسان وانگر ڪنهن به شيءِ ۾ ڏکيائي نٿي ٿئي، سئي ٺاهڻ کان وٺي ائٽم بم ٺاهڻ تائين سمورا فارمولا انهن جي پنهنجي ٻولي ۾ لکيا، پڙهيا ۽ سيکاريا وڃن ٿا، ايران ۾ پارسي ٻولي، ترڪي ۾ ترڪ ٻولي سموري اسڪولي نظام ۾ پڙهائي وڃي ٿي، اتي ٻار کي بنيادي تعليم پنهنجي ٻولي ۾ ملي ٿي، ايران ۾ ته يونيورسٽين تائين پارسي پڙهائي وڃي ٿي ۽ اتي عام ماڻهو انگريزي بدران پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ تي فخر ڪري ٿو، اهڙي نموني سان ڪيترن ئي ملڪن جا مثال اسان توهان جي سامهون آهن، جيڪڏهن اسان نصيحت وٺڻ وارن مان هجون ها ته ضرور ان مان فائدو وٺي سگهون ها، هڪ ٻيو مثال به ڏيڻ چاهيان ٿو، توهان ڪنهن ٻار کي ڪجهه ٺاهڻ سيکاريو، انگريزي يا فارسي ۾ يا ڪنهن به ٻولي ۾ اهو ٻار نه ٺاهي سگهندو، ڇو ته اهو سمجهي نه سگهندو ۽ نه سکي سگهندو، ٻار کي توهان ڪا به مشين ٺاهڻ سيکاريو پر ان جون هدايتون پنهنجي ٻولي ۾ ڏيو، يقين سان چوان ٿو ته اهو ٻار سمجهي به ويندو، سکي به ويندو ۽ ٺاهي به ويندو ڇو ته ان ٻار جي ٻولي سنڌي آهي، جنهن ۾ سمجهي ٿو، جڏهن ٻي ٻولي ۾ ٻار کي توهان جي ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي ته پوءِ 10 10 ڪلو وزني ٿيلهو سندس ڪلهي تي رکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ يقينن ان سان وقت جو زيان ۽ ذهن جو نقصان ٿي رهيو آهي، نه صرف ايترو پر سڀ کان وڌيڪ قومي نقصان ٿي رهيو آهي، ڳالهه کي ٿورڙو وڌيڪ کوليون ٿا، ڪجهه سوال سامهون رکون ٿا، اسان وٽ ڪاپي ڪلچر ڇو آهي؟ اسان وٽ سفارشي نظام ڇو آهي؟ اسان ترقي ڇو نٿا ڪريون؟ هي اهڙا سوال آهن جيڪي هر پڙهيل لکيل ماڻهو جي ذهن ۾ ضرور گردش ڪندا هوندا. انهن سڀني مسئلن جو ٻيو به ڪو سبب ٿي سگهي ٿو پر منهنجي نظر ۾ انهن مسئلن جي پويان سڀ کان وڌيڪ انگريزي ٻولي کي برتر ۽ پنهنجي ٻولي کي ڪمتر تسليم ڪرڻ آهي، جنهن سبب ٻار ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿا اسان کي گهرجي ته اسان هڪ قوم وانگر سوچيون، هڪ قوم ٿي پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ ٻولي جي حفاظت ڪريون، جيڪا قوم پنهنجي ٻولي جي حفاظت نٿي ڪري سگهي، اها ڌارين حڪمرانن جي رحم ڪرم تي هوندي آهي، ان ڪري عارضي مفادن تحت پنهنجي ٻولي ۽ قوم سميت تهذيب کي ڦٽو نه ڪرڻ گهرجي ۽ ان کان مڪمل لاتعلق نه رهڻ گهرجي اوهان دنيا جون سڀ ٻوليون سکو پر انهن ٻولين جو علم پنهنجي ٻولي ۾ ترجمو ڪري پنهنجي ٻارن کي پڙهايو ۽ ان گهٽتائي واري احساس مان نڪرو ته ڪو پنهنجي ٻولي ترقي واري نه آهي.