135

نوجوان فردي قوت کي ڪهڙي طرح پنهنجي حق ۾ استعمال ڪن..؟؟

ليکڪ: رباب رضا

زراعت هڪ اهڙو شعبو آهي، جنهن سان پاڪستاني آبادي جو حصو وڏو لاڳاپيل آهي، ٻئي طرف خدمتن واري شعبي کي به غير معمولي اهميت حاصل آهي، هي هڪ اهڙو شعبو آهي، جنهن ۾ نوجوانن جي دلچسپي ۽ ان جي اهميت گهڻي آهي، پاڪستان دنيا جو ڇهون سڀ کان وڏو آبادي وارو  ملڪ آهي، جنهن جي مجموعي آبادي 21 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته آبادي ۾ 63 سيڪڙو فردن جي عمر 30 سالن کان گهٽ آهي، مطلب ته اسان جي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، ريٽيل سيڪٽر هجي يا انفارميشن ٽيڪنالاجي ملڪ جي نوجوان فردي قوت کي استعمال ڪري ملڪ جي معاشي شرح ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي، آءِ ٽي ۽ ان جي ذيلي شعبن ۾ نوجوانن جا لاءِ بي پناهه موقعا به موجود آهن.ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هن وقت به آءِ ٽي ۽ ان جا ذيلي شعبا ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، رڳو اسٽيٽ بئنڪ جي جاري ڪيل جولاءِ 2020ع کان اپريل 2021ع تائين جي انگن اکرن جو جائزو ورتو وڃي ته خدمتن جي برآمدات 4 ارب 79 ڪروڙ کان وڌيڪ رهي آهي، جيڪا گذريل سال جي ان عرصي ۾ 4 ارب 69 ڪروڙ هئي، خدمتن ۾ وڏو حصو آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ ڪمپيوٽر جي خدمت جو آهي، خدمتن جي ان ذيلي شعبي (سب سيڪٽر) جي برآمدات هڪ ارب 70 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ رهي آهي جيڪا گذريل مالي سال جي ان عرصي کان 46 سيڪڙو وڌيڪ آهي، صرف اپريل ۾ آءِ ٽي سيڪٽر خدمتن جي برآمدات ۾ 66 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، آءِ ٽي سيڪٽر ۾ نوجوانن جي شموليت لاءِ سڀ کان اڳ ته نوجوانن ۾ آءِ ٽي ۽ ان سان لاڳاپيل شعبن يعني ڊيٽا سائنس، ڪمپيوٽر سائنس ۽ سافٽ ويئر انجنيئرنگ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. نوجوانن کي خبر هجڻ گهرجي ته ان فيلڊ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪيتري تعليم جي ضرورت آهي ۽ اها ڪٿان حاصل ڪري سگهجي ٿي، آءِ ٽي شعبي کي مناسب حڪومتي مدد به گهربل آهي، پاڪستان جون لاتعداد يونيورسٽيون انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر سائنس ۽ سافٽ ويئر انجنيئرنگ جي تعليم ۽ ان جي ۾ بيچلر ۽ ماسٽر جون سندون به ڏئي رهيون آهن، ان کانسواءِ يونيورسٽين ڊيٽا سائنس ۾ بيچلرز پروگرام متعارف ڪرايا آهن، ڊيٽا سائنس جيتوڻيڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذيلي فيلڊ ناهي، پر ان سان لاڳاپيل مضمون ضرور آهي، ڊيٽا سائنس جي فيلڊ پاڪستان ۾ گهڻو نئين آهي، پر عالمي رجحان ۾ تبديلي سان گڏ پاڪستان ۾ به ان بابت رجحان تبديل ٿي رهيو آهي. ڊيٽا سائنس جو استعمال ڪيترن ئي شعبن ۾ ٿي سگهي ٿو، مثال طور وڏي ڊيٽا جي صحيح استعمال سان مختلف ٽرينڊن کي جانچي سگهجي ٿو، خامين ۽ بي ضابطگين جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي، مثال طور تازو ئي حڪومت احساس پروگرام ۾ جعلي اڪائونٽ هولڊرن جي سڃاڻپ ڪئي ۽ ٻڌايو ته ڪجهه اڪائونٽ هولڊر اهڙا هئا جيڪي اهل نه هجڻ باوجود ان پروگرام مان فائدو وٺي رهيا هئا. ان نشاندهي لاءِ انهن ڊيٽا سائنس جي ئي مدد ورتي هئي. بورڊ آف انويسٽمينٽ پاڪستان جي انگن اکرن مطابق ان شعبي سان تقريبن 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو لاڳاپيل آهن، جيڪي صرف پاڪستاني معيار ئي نه پر عالمي معيار تي به پورا لهن ٿا. هن وقت پاڪستان ۾ 2000 آءِ ٽي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، پاڪستان ۾ ساليانو 10 هزار آءِ ٽي گريجوئيٽس ملازمت جي مارڪيٽ ۾ شامل ٿي رهيا آهن ۽ هن وقت سڄي ملڪ ۾ 52 انڪيوبيشن سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، جتي نوجوانن کي پنهنجي چونڊيل آئيڊياز کي عملي جامو پارائڻ لاءِ مالي ۽ ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. پاڪستان ۾ آءِ ٽي سيڪٽر نه رڳو ملڪي معيشت جو هڪ اهم حصو بڻجي رهيو آهي پر ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيڪار ڪمپنين  لاءِ انتهائي پرڪشش به ثابت ٿي رهيو آهي. تازو ئي دنيا جي سڀ کان وڏي اي ڪامرس پليٽ فارم  ايمازون به پاڪستان کي پنهنجي لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي. پاڪستان ۾ قائم ”دي نيسٽ آءِ او“ هڪ انڪيوبيشن سينٽر کي برطانوي، آمريڪي حڪومت ۽ عالمي ڪمپنين گوگل ۽ سامسنگ طرفان مالي مدد ڏني ويندي آهي. پاڪستاني نوجوانن جون ٺاهيل ڪمپنيون پرڏيهي سرمائيڪاري کي پاڻ طرف راغب ڪري رهيون آهن، هر روز ڪا نه ڪا  نئين ڪمپني شروعاتي سرمائيڪاري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿي، پاڪستان جا اهي اسٽارٽ اپس 70 لک ڊالر تائين جي شروعاتي سرمائيڪاري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن، جيڪڏهن صرف 7 وڏن اسٽارٽس اپس جي ڳالهه ڪئي وڃي ته انهن ڪمپنين 10 ڪروڙ 80 لک ڊالر جي شروعاتي سرمائيڪاري حاصل ڪئي آهي. انهن سمورين ڪمپنين جا ماڊلز نه صرف بهترين ٽيڪنالاجي تي ٺاهيا ويا آهن پر نوجوانن لاءِ ملازمتن جا بهترين موقعا به پيدا ڪري رهيا آهن، اڪثر ڪمپنين جي بزنس ماڊلن ۾ ٽيڪنالاجي سان گڏوگڏ ٻيون خدمتون به شامل ڪيون ويون آهن، جن ۾ ٽرانسپورٽ، جائيداد ۽ گاڏين جي ڏي وٺ، سامان پهچائڻ، بئنڪنگ، اي ڪامرس، فوڊ ڊليوري ۽ ٻيون شامل آهن. جيستائين ان شعبي کي ترقي ڏيڻ جي ڳالهه آهي ته ان کي عالمي معيار مطابق ٺاهڻ ۽ مختلف ڪاروبارن کي آسان بڻائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ڊجيٽائيزيشن تي زور ڏنو پيو وڃي. عالمي اداري فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي گري لسٽ مان نڪرڻ ۽ معاشي سسٽم ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ، خزاني واري وزارت ۽ ايف بي آر به ڊجيٽائيزيشن تي زور ڏئي رهيون آهن. اهو ئي سبب آهي ته اسٽيٽ بئنڪ طرفان فراهم ٿيندڙ اڪثر سهولتن کي ڊجيٽائيز ڪيو پيو وڃي، ان جو تازو مثال اسٽيٽ بئنڪ جي ناڻي ترسيلات لاءِ ٺاهيل سسٽم ”راست“ ۽ ”روشن ڊجيٽل اڪائونٽس“ آهن، ان کانسواءِ بئنڪون ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون به ان ڏس ۾ گهڻو ڪم ڪري رهيون آهن، ان ڪري ان شعبي ۾ روزگار ڳوليندڙ فردن جي کپت به وڌي رهي آهي.انٽرنيٽ جي مدد سان پاڪستان ۾ موجود آءِ ٽي پروفيشنلز دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ فري لانس ڪم ڪري سگهن ٿا، تازو تازو پاڪستان جو شمار آءِ ٽي سيڪٽر ۾ بهترين فري لانس فردي قوت فراهم ڪندڙ ملڪن ۾ چوٿين نمبر تي اچي ٿو. مختلف عالمي فورمز تي به پاڪستان جي ان سيڪٽر کي ڪافي پذيرائي ملي آهي. گڏيل قومن جي ذيلي اداري انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن يونين پاڪستان جي انڪيوبيشن سينٽر کي اي ڪيٽيگري ۾ چيمپئن قرار ڏنو آهي.آءِ ٽي سيڪٽر سان لاڳاپيل پاڪستان جي ڊيٽا سائنس ڪمپني ايل ايف ڊي جي سي اي او سيد تجمل حسين جو چوڻ آهي ته پوري دنيا وانگر پاڪستان جي ان سيڪٽر ۾ نوجوانن جي لاءِ قيمتي موقعا موجود آهن، پاڪستاني گريجوئيٽس وٽ بهترين نصابي تعليم موجود آهي ۽ ان کي عملي تجربي ۽ مناسب ٽريننگ کانپوءِ وڌيڪ نکاري سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن مناسب حڪومتي مدد حاصل رهي ته آءِ ٽي سيڪٽر برآمدات ۾ ساليانو گهٽ ۾ گهٽ 35 سيڪڙو واڌ ڪري سگهي ٿو. ان سموري بهتري باوجود اڃا به ڪيترائي اهڙا قدم آهن، جن کانپوءِ اها صنعت پاڪستان جي نوجوان آبادي لاءِ ملازمتن جا وڌيڪ دروازا کولي سگهي ٿي. انهن قدمن ۾ جامع آءِ ٽي پاليسي، سافٽ ويئر ڪمپنيون، انڪيوبيشن سينٽر ۽ آءِ ٽي پارڪس قائم ڪرڻ شامل آهن، ان سان گڏوگڏ پي پال، گوگل پي ۽ ايپل پي کي پاڪستاني مارڪيٽن تائين آڻڻ گيم چينجر ثابت ٿي سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو