ليکڪ: منير چانڊيو
اسانجو لاڏلو ۽ دل گهريو دوست ۽ سنڌي شاعريءَ جو شھزادو حسن درس اوچتو ئي اوچتو اسان سڀني کان جسماني طور تي جدا ٿي ويو هو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ان ڳالهھ کي ڏھن سالن جو وقت گذري ويو آھي، سو سمورو وقت ڄڻ اک ڇنڀ ۾ گذريل ٿو ڀائنجي، جنھن ۾ اسان سڀ حسن سان پيار ڪندڙ سندس دوست هر وقت کيس ساريندا ۽ دلي طور تي پاڻ سان گڏ محسوس ڪندا رهيا آھيون. ڏھه سال اڳ جڏهن اسان سڏڪن، آھن ۽ دانھن سان کيس مشائخ هوٿي جي قبرستان ۾ دفنائي موٽي آيا هئاسين، تڏهن شايد ڪنهن کي ان ڳالهھ جو اندازو به نه هو، ته هو هر عام ۽ خاص ماڻھوءَ کي هڪ جيترو ئي عزيز ۽ پيارو هو ۽ سنڌ هن کي پنھنجي هڪ عظيم شاعر طور هر وقت ياد رکندي ۽ ڪڏھن به وسرڻ نه ڏيندي. حسن درس جا دنيا ۾ ھزارين دوست هئا ۽ هر ماڻھوءَ سان هن جي پنھنجي حجت هئي، انڪري هر ماڻھو کي هو پنهنجو ويجهو دوست محسوس ٿيندو هو. ايئن مان به کيس پنھنجو ويجهو دوست محسوس ڪندو هئس. هڪڙي وقت ۾ اسان روز ملندا هئاسين، مان پنهنجي موٽر سائيڪل تي هن کي گهران کڻندو هئس، گهمي گهتي، يارن دوستن سان ملي، کائي پي رات جو دير سوير وري کيس گهر ڇڏي ايندو هئس. نه ڄاڻان ڇو هو مونکي ”درويش“ سڏيندو هو. جيئن ”آءُ درويش! ڪٿان پيو اچين؟“ ”اي درويش! هل ته اسپتال هلي، دوست کان ٿي اچون.“ ھن جي هر ڳالهھ جي جواب ۾ مان رڳو مرڪندو هئس. هن جي محبوب مشغلن مان هڪ مشغلو هن جي زندگيءَ ۾ آيل حسن وارين نفيس عورتن جو ذڪر هو. هن مونسان نه ڪڏهن فلسفي تي ڳالھايو ۽ نه شاعريءَ تي، نه ادب تي ڳالھايو ۽ نه تاريخ تي.. حسن مونکي ٻڌائيندو هو ته هن ڪيئن ڪلڪتي ۾ پاڻ جھڙي هڪ بنگالي شاعره سان سائيڪل تي چڙھي شھر گهميو. هو ٻڌائيندي چوندو هو ته، ”درويش! جيترو وقت اسان ڪلڪتي ۾ رهياسين، اها نوجوان بنگالي شاعره روز پنھنجي سائيڪل ڪاھي ايندي هئي، مان کيس سندس سائيڪل تي شھر گهمڻ نڪري پوندو هئس. مان سائيڪل هلائيندي هن سان ڪچھري ڪندو هئس، مان جڏهن ڳالھائيندو هئس ته هوءَ ٿوري پٺي ۽ ڪن پوئتي ڪري منهنجون ڳالھيون ٻڌندي هئي ۽ جڏهن هوءَ ڳالھائڻ لڳندي هئي ته پنهنجي مک کي مون ڏانهن ڪري ڳالھائيندي هئي، درويش! هوءَ خوشبوئن ۾ واسيل ڇوڪري نه ڄڻ ڌماڪو هئي..هڪڙي ڀيري هو مونکي هڪ ڇوڪريءَ سان ملائڻ سندس آفيس وٺي ويو. ڇوڪريءَ کيس اک ٽيٽ سان وڏا اشاره ڪيا ته پاڻ واري ان دوست کي ٻاهر موڪل. پر هن کيس اهڙو موقعو نه ڏنو. هن ڇوڪريءَ تي حسن جي اثر هڻي هنڌ ڪيو ۽ چيانئينس ته، ”چڱو ڀلا پنھنجي شاعري ٻڌاء..!“حسن چيس: ”مونکي وري شاعري ڪٿي ياد هوندي آھي؟“ هن چيس: ”پليز پليز…!“حسن مرڪيو، مرڪي مونکي ڏٺائين ۽ آھستگيءَ مان پڇيائين: ”درويش! توکي جي منهنجي شاعري مان ڪجهه ياد هجي ته ٻڌائيس.“ مون هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ کيس ”ڪائنات ڪيڏي وڏي آ“ نظم ٻڌايو. اهو نظم پورو ٿيو ته هن ڇوڪريءَ مونکي ٻي شاعري ٻڌائڻ لاءِ عرض ڪيو.مون حسن جو مشھور غزل کيس ٻڌائڻ شروع ڪيو ۽ ان جو جڏهن هي بند پڙھيو:
”ڳلي ۾ مون هيو پاتو ۽ سيني ساڻ ھو لاتو،
منهنجو محبوب ڪلهھ مونکي هٿن ۾ ھار وانگي هو.“
ته هن کان سيڪارو اڀري ويو. مان هن جي اهڙي حالت ڏسي ٻاهر وڃڻ لاءِ اٿيم، ته حسن به اٿي بيٺو ۽ اسان هن کي خدا حافظ چئي ٻاهر نڪري آياسين. پياري دوست حسن درس جون اهڙيون ڪيتريون ئي يادون آھن، جيڪي ڪنھن ٻي ڀيري سھيڙبيون.هڪ ڀيري سندس اک ۾ سرٽ پيو، هن جي اک ڳاڙھي لڳي پئي هئي، هو اک کي نه کولي پئي سگهيو ۽ نه ئي بند ڪري. هر سيڪنڊ ۾ سندس اک کلي پئي ۽ بند پئي ٿي. مون ڏسي کانئس پڇيو: ”هي اک کي ڇا ٿيو اٿو؟“ شاعراڻي حساسيت مان وراڻيائين ته ”الائي ته ڇا ٿيو اٿس درويش! اک نه هجي ڄڻ عذاب هجي..“هلو ته پوءِ اسپتال هلون، هت ويھڻ مان ڇا ورندو؟“هن مھل منجهند جو هوندا ڊاڪٽر؟ ها بلڪل هوندا..“ھا يار ايئن ڪر..“مان کيس موٽرسائيڪل تي هيرآباد ۾ واقع هڪ اکين جي اسپتال وٺي ويس، ڊاڪٽر ڪمپيوٽر تي ۽ روشنين جي مدد سان سندس اک ڏٺي ۽ چيائين ته اسٽور تان اک مان ننڍڙي پٿري ڪڍندڙ ھڪ سئي وٺي اچ، مان تڪڙو وڃي سئي وٺي آيس، ڊاڪٽر هڪ منٽ ۾ سندس اک مان هن ننڍڙي پتڪڙي پٿري جي زرڙي ڪڍي سندس تري تي رکي. هن هڪ ٻه ڀيرا اک ڇنڀي ڏٺي، مان کلڻ لڳس ته چوڻ لڳو هي ڏس ننڍڙي پٿري، ڪلھه کان ڄڻ مان اک ۾ جبل کڻيو پئي هليس. ان ئي وقت هن مونکي وڏو ڀاڪر پائي ڳل تي ڳراٽي ڏني. ان کان اڳ به هڪ ڀيرو هو مونکي وڏو ڀاڪر پائي ڳل تي ڳراٽي ڏئي چڪو هو ته ”تون منهنجو ديرينه دوست آھين..“ حسن اهو اعزاز ادي ارم جي معرفت ڪجهه دوستن کي عطا ڪري چڪو هو. ان جو هڪ پنهنجائپ وارو پس منظر آھي. هن مون لاءِ لکيو هو ته ”منير منهنجو اهڙو دوست آھي، جيڪو هميشه هڪل ۾ حامي ۽ سڏ ۾ سڏ ڏيندو رهيو آھي.“آخري ڏينهن ۾ هو مون کي ڏاڍو بيچين نظر ايندو هو، هڪ ڀيري اسڪاچ جون سرڪيون ڀريندي چوڻ لڳو. ”درويش! مزو ناهي درويش..!“ مان لاشعوري طور تي کانئس پڇان ٿو: ”ڪيئن؟“ هو گھرائپ مان سوچيندي چئي ٿو: ”جيستائين جز هجبو، تيستائين مزو نه هوندو. جز مان ڪل ٿجي..“ مان هروڀرو ڳالهھ وڌايان ٿو.. ”جز مان ڪل ڪيئن ٿبو؟“ ”جيئن شاھ لطيف ٿيو..“ هو مرڪي پئي ٿو، مان سندس چھري تي پرسڪون مرڪ پسي سگهان ٿو. هو وڌيڪ ڳالھائڻ لڳي ٿو. لطيف جيستائين جز هو، هن کي ڪنھن نه ٿي ڄاتو، پوءِ هو جز مان ڪل ٿيو، ته پوءِ ڏس شاھه لطيف، شاھ لطيف ٿي ويو..“ مونکي سندس ڳالھيون ان وقت سمجهه ۾ نه آيون هيون، پر انهن ڳالهين جو مطلب هاڻي سمجهه ۾ اچي پيو. هو جز مان ڪل، قطري مان سمنڊ ٿي ويو، ان ڪري سڄي سنڌ جي دل ۾ سمائجي ويو آھي ۽ اسين سڀ ساڻس بيپناھه پيار ڪريون ٿا.