ليکڪ: حسن نثار
بجيٽ ته ڇڏيو، ڇو ته گنجي وهجندي ڇا ۽ نپوڙيندي ڇا؟ پر مون بجيٽ تي تبصرن ۽ تجزين کي تمام گهڻو انجواءِ ڪيو، اندازو نه هو ته ملڪ ۾ ايترا ايڊم اسمٿ موجود آهن، بجيٽ کانپوءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ انگن ۽ اکرن جون تلوارون هلي رهيون آهن، پهرين ڳالهه ته اها آهي ته اسان کي بجيٽ کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ ئي نه گهرجي، ڇو ته جتي مني بجيٽ در مني بجيٽ ۽ سجي مار ڪر ڪڏهن ڏيکارڻ جو ڪلچر هجي اتي ”ٽيڪ اٽ ايزي“ رويو ئي بهتر آهي، پر ٺيڪ آهي ته هلو ڪجهه انتظار ڪري ٿا وٺون، ڇو ته خزاني واري وزير ”واعدو“ ڪيو آهي ته ڪا به مني بجيٽ نه ايندي. ته ٺيڪ آهي نه گهوڙو پري ۽ نه ميدان، ”واعدي“ سان ڪجهه شعر شيئر ڪرڻ ضروري هوندو،
امید تو بندھ جاتی تسکین تو ہو جاتی
وعدہ نہ وفا کرتے وعدہ تو کیا ہوتا
داغ مرحوم شايد ان ڏينهن لاءِ ئي لکيو هو ته
نہ آتے ہمیں اس میں تکرار کیا تھی
مگر وعدہ کرتے ہوئے عار کیا تھی
ساغر صديقي واعدن کي وري هيئن ڏسي ٿو
ایک وعدہ ہے کسی کا جو وفا ہوتا نہیں
ورنہ ان تاروں بھری راتوں میں کیا ہوتا نہیں
۽ وري چاچا غالب ته ڳالهه ئي ختم ڪري ڇڏي آهي
ترے وعدے پر جیئے ہم، تو یہ جان جھوٹ جانا
کہ خوشی سے مر نہ جاتے، اگر اعتبار ہوتا
بهرحال خزاني واري وزير جو واعدو آهي ڪا معمولي ڳالهه ٿورئي آهي، ان ڪري انتظار ڪرڻ گهرجي، بهاني بهاني سان ان مني بجيٽ جو، جي نه آئي ته آئون ان کي هڪ معجزو سمجهندس ۽ جيڪڏهن واقعي نه آئي ته پوءِ منهنجي ديانتداراڻي راءِ آهي ته موجوده حالتن ۾ ان کان بهتر بجيٽ ممڪن ئي نه هئي ۽ جيستائين تعلق آهي ان سوال جو ته بجيٽ ”عوام فرينڊلي“ هئي يا نه ته ملت جو ڀائرو پرو عوام بجيٽ صرف کائيندڙ پيئندڙ خوشحال ويلفيئر اسٽيٽ ۾ هوندي آهي، جڏهن ته هتي ته ”آمدني اٺ آنا ۽ خرچ رپئي“ واري صورتحال آهي اهو محاورو ڪنهن ٻئي نه پر اسان جي معيشت لاءِ ئي وجود ۾ آيو هو ته ”مٿو ڍڪيان ته پير اگهاڙا ۽ پير ڍڪيان ته مٿو اگهاڙو“ جنهن ملڪ جي معاشري ۾ وسيلن جي اڪثريت تي هڪ اقليت جي مڪمل اجاراداري هجي اتي عوام دوست بجيٽ جو ڪهڙو ڪم؟ اسان جي بجيٽ ته بدمست هاٿيءَ جا ڏندا هوندا آهن، جيڪي ”کائڻ جا هڪڙا ۽ ڏيکارڻ وارا ٻيا“ هوندا آهن، ان ڪري اجاين تبصرن ۽ تجزين جي گنجائش ئي نه آهي، في الحال ”تيل ڏسو ۽ تيل جي ڌار ڏسو“ ٻن چئن مهينن ۾ بجيٽ پاڻ ئي ٻڌائي ڇڏيندي ته اها ڪهڙي آهي، منهنجو مخلصاڻو مشورو ته اهو هوندو ته ڪنهن جي به ڳالهه تي ڌيان نه ڏيو، ڇو ته ڪجهه هفتن جي اندر اندر اوهان جي گهر جي بجيٽ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيندي ته حڪومتي بجيٽ ڪيئن آهي؟ هلندي هلندي پيپلزپارٽي جي سينيٽر سليم مانڊوي والا جي به ٻڌي وٺو، جنهن عوام کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته اوهان تياري ڪري وٺو ڇو ته پيٽرول 20 رپيا في لٽر مهانگو ٿيڻ وارو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ظاهر آهي ته سڀ ڪجهه مهانگو ٿيندو. سچ ته هن گوشا نشين جي ويجهو بجيٽ کان به گهڻو اهم مون سون واريون برساتون آهن، جن جو رومانس پنهنجي جاءِ تي پر جيڪڏهن بروقت مناسب تياريون نه ڪيون ويون ته برساتون بجيٽ کان به ڳريون ثابت ٿي سگهن ٿيون، ڇو ته موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته هلندڙ مهيني جي آخري هفتي کان برساتن جو امڪان آهي، درياهن ۾ ٻوڏ واري ڪيفيت کي منهن ڏيڻ پئجي سگهي ٿو. مٿيون اڌ پنجاب، اتر بلوچستان ۽ ڪشمير ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي ۽ انهن برساتن سبب سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي برساتي نالن ۾ اربن فلڊنگ جي امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي، درياهن ۾ چاڙهه ۽ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، بلنديءَ تي معمول کان وڌيڪ گرمي پد سبب اترين علائقن ۾ برف پگهرڻ جي شرح ۾ به واڌ جو امڪان آهي، اسان اڃ لڳڻ تي کوهه کوٽ وارا ماڻهو آهيون، ممڪن هجي ته لاڳاپيل ادارا ۽ فرد هاڻ کان ئي تياريون شروع ڪري ڇڏين، ائين نه ٿئي ته بجيٽ کان بچي مس نڪرون ته برساتن ۽ ٻوڏن جي وري چڙهي وڃون.