93

مدئجي ڀرسان پيرسن جي تذليل

ايڊيٽوريل

مدئجي ڀرسان ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ دڙي جاکري ۾ پيرسن آفتاب ڪاڪيپوٽي پاران قبرستان تي قبضي خلاف آواز اٿارڻ تي مبينا قبضو ڪندڙ بااثرن عبدالغني ڪاڪيپوٽي ۽ عبدالسميع ڪاڪيپوٽي پنهنجي ساٿين سان گڏ انسانيت ۽ اخلاقيات جون سموريون حدون پار ڪندي سوين ماڻهن آڏو پيرسن مٿان نه صرف سخت تشدد ڪيو آهي، پر سندس منهن ڪارو ڪري تذليل پڻ ڪئي آهي، اهڙي تذليل واري وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بااثر ۽ سندس حواري ڪهڙي طريقي سان پيرسن مٿان نه رڳو بي رحماڻو تشدد ڪري رهيا آهن پر ان ۾ سوين ماڻهن آڏو تذليل کانپوءِ نازيبا لفظ پڻ استعمال ڪري رهيا آهن ۽ پيرسن کي گاريون پڻ ڏئي رهيا آهن، افسوس ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي ماڻهو پيرسن مٿان تشدد ٿيندي بيحسي سان ڏسي رهيا آهن ۽ مجموعي ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو نه آهي جيڪو تشدد ڪندڙن کي روڪي يا گهٽ ۾ گهٽ اهو چوي ته هاڻ گهڻو ٿيو، غريب جي جان ڇڏيو، وڊيو ۾ سرعام نظر اچي رهيو آهي ته بااثر پنهنجي مرضي سان پيرسن مٿان تشدد ڪرڻ کانپوءِ ديدا دليريءَ سان ماڻهن جي وچ مان آساني سان نڪري وڃن ٿا ۽ متاثر پيرسن سماج جي بيحسي کي ڏسندي پنهنجو ڪريل رومال ۽ ٽوپي کڻي پائي ڇڏي ٿو، هوڏانهن پيرسن مٿان تشدد کانپوءِ ٻن جوابدارن عبدالغني ۽ عبدالسميع ڪاڪيپوٽي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڳاهيجا پوليس ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته واقعو 3 ڏينهن پراڻو آهي ۽ هڪ جوابدار عبدالغني کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. اسان سمجهون ٿا ته هيءَ رڳو پيرسن آفتاب ڪاڪيپوٽي جي نه پر بنيادي طور تي هن سماج جي اخلاقيات، روايتن ۽ معاشري جي هر غريب جي تذليل آهي ۽ افسوس اهو آهي ته اسان سڀ هاڻ ان مجموعي جهڙا بيحس ٿي چڪا آهيون، جيڪو پيرسن مٿان تشدد جو تماشو ڏسندي لطف وٺي رهيو هو، بنيادي طور تي اها سڄي ذميواري حڪومت جي آهي،مدئجي سميت سڄي سنڌ ۾ جتي به ڏاڍي طرفان غريب ۽ هيڻي تي تشدد يا تذليل جو ڪو واقعو ٿئي ٿو ان جي سڌي ذميواري آهي، حڪومت مٿان لاڳو ٿئي ٿي، ڇو ته قانونن هوندي به هتي ڏاڍي کي ڏاڍو بڻائيندڙ حڪومت ئي آهي ۽ قانون جوڙيندڙ ۽ حڪمراني ڪندڙ جڏهن اهڙن واقعن تي خاموش تماشائي بڻيل آهن، نه رڳو ايترو پر انهن وٽ وقت ئي نه آهي ته اهي اهڙن واقعن کي ڏسن، ٻڌن يا انهن ظالمن خلاف ڪارروائي جو ڪو حڪم ڏين. اسان جي پوليس ۽ خاص ڪري شڪارپور پوليس ته خيرن سان ڏوهاري ٺاهڻ جي فيڪٽري بڻيل آهي، اتي ڀلا هڪ عام ۽ غريب پورهيت جي ڪهڙي حيثيت هوندي جتي ڏوهاري سرعام اهلڪارن کي شهيد ڪري نعرا هڻندا ۽ وڊيو وائرل ڪندا سڄي دنيا کي ڏيکاري رهيا آهن ته قانون انهن جي بندوق جي نالي تي پيل آهي. جتي ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ ٽن هفتن کان سوين اهلڪار ڪچي جي بندن تي بيهاري انهن کي تماشو بڻايو ويو آهي ۽ هاڻ ڊويزنل پوليس جا عملدار چون ٿا ته ڌاڙيلن وٽ ڳرا هٿيار آهن ۽ اسان تڪڙو آپريشن نه ڪنداسين، اهڙي ماحول ۾ پيرسن آفتاب ڪاڪيپوٽو ڀلا ڪري به ڇا ٿو سگهي؟ اسان ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور سميت هاءِ ڪورٽ کي ئي اپيل ڪنداسين ته هن واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي پيرسن مٿان تشدد ڪندڙ سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون مطابق سزا ڏياري وڃي ۽ وائرل ٿيل وڊيو ۾ موجود سمورن ڪلپرٽس کي سوگهو ڪرايو وڃي، جيئن اڳتي ڪنهن غريب کي ائين سرعام تذليل جو شڪار ٿيڻو نه پوي، جيئن گهٽ ۾ گهٽ اهو تاثر ضايع ٿي سگهي ته اسان وٽ به انصاف ۽ قانون موجود آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو