108

بجيٽ جي هر صفحي تي مهانگائي، مهانگائي ۽ صرف مهانگائي، نئين پاڪستان کان ته پراڻو پاڪستان بهتر هو، رڳو پنجاب جي ترقي سان پاڪستان اڳتي نه وڌندو: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم (ن) ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته بجيٽ جي هر صفحي تي مهانگائي، مهانگائي ۽ صرف مهانگائي، عوام جو کيسو خالي  آهي ته بجيٽ جعلي آهي. بيروزگاري تيزي سان وڌي رهي آهي. 1200 ارب روپين جو ڪورونا پيڪيج ڪوتاهين جي نذر ٿي ويو. رڳو پنجاب جي ترقي سان پاڪستان اڳتي نه وڌندو. نئين پاڪستان کان ته پراڻو پاڪستان بهتر هو، رپورٽ رپورٽ مطابق مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته 22 ڪروڙ عوام اسان کي نمائندگي جي لاءِ هن ايوان ۾ اماڻيو، ايوان ۾ جيڪو ٿيو اهو انتهائي افسوسناڪ هو، هلندڙ ڏينهن ۾ جيڪا قانونسازي ٿي اها آئين موجب نه آهي، بلڊوز قانونسازي کي اسان سينيٽ ۾ وڃي روڪيو، شهباز شريف چيو ته عوام جو کيسو خالي آهي ته بجيٽ جعلي آهي، غريب عوام لاءِ هڪ ماني، اڌ ٿي چڪي، ماڻهو ٻارن جي فيس به ادا نٿا ڪري سگهن، ڪيترائي ٻار اسڪول ڇڏي ويا، قومي اسيمبلي جي اجلاس تي روزاني ڪروڙين رويپن جو خرچ ٿيندو آهي، هڪ هڪ پائي عوام ۽ ملڪ جي امانت آهي، 3 سالن جي دوران پاڪستان ۾ مفلسي ۽ غربت جڳهه وٺي ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت ايندي ئي جي ڊي پي هڪ کان به گهٽ سطح تي اچي وئي، مزدور جي پگهار 3 سالن ۾ 18 سيڪڙو گهٽ ٿي چڪي، 3 سالن ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺيان اچي چڪا آهن، ماڻهو سوال ڪري رهيا آهن ته ڪٿي آهن هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر؟ اڄ ماڊرن هائوسنگ اسڪيمن کي 50 لک گهرن ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، حڪومت لنگر خانا ٺاهيا پر اصل ڪم پاليسي ٺاهڻ آهي، حڪومت لنگر خانن ۾ ويندڙن کي پنهنجن پيرن تي بيهاري. رمضان ۾ عورتن کي هڪ ڪلو کنڊ جي لاءِ لائنن ۾ بيهاريو ويو. ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار ٿي ته اٽو 35 کان 86 روپين تي ڪيئن هليو ويو، شهباز شريف چيو ته حڪومت 3 سالن جي دوران پاڪستان لاءِ ڇا ڪيو؟ اڄ صوبن ۽ وفاق ۾ اتفاق ناهي رهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

بجيٽ جي هر صفحي تي مهانگائي، مهانگائي ۽ صرف مهانگائي، نئين پاڪستان کان ته پراڻو پاڪستان بهتر هو، رڳو پنجاب جي ترقي سان پاڪستان اڳتي نه وڌندو: شهباز شريف” ایک تبصرہ

پنهنجي راءِ ڏيو