اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري نوشين حامد چيو آهي ته ايوان قانون سازي لاءِ هوندو آهي نه ئي ڏوهاري حملن لاءِ پر افسوسو آهي جو گذريل ڏينهن اجلاس شروع ٿيڻ جي ڪجهه منٽن بعد اپوزيشن حملو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ بوتلون اڇلايون جنهن سبب اڪرم چيمه زخمي ٿي پيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسيمبلي ميمبرن تي حملو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي. ايوان قانون سازي لاءَ هوندو آهي اتي حملا ڪيا پيا وڃن.
97