بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چاولي جيان چيو آهي ته عالمي برادري کي صحت جي عالمي اداري جي رهنمائي ۾ هڪ علائقي تي جاچ بدران ڪورونا وائرس جي مختلف علائقن ۾ ظاهر ٿيڻ جي حقيقت کي نظر ۾ رکندي مختلف ملڪن جي مختلف علائقن ۾ لاڳاپيل تحقيقي ڪم ڪرڻ گهرجي. چيني ريڊيو مطابق آمريڪي صحت جي قومي اداري طرفان جاري ڪيل تازي تحقيقي نتيجن مان ظاهر ٿيو ته ڪورونا وائرس ڊسمبر 2019 ۾ آمريڪا ۾ موجود هو. اها 19 جنوري تي ان ڪيس جي پهرين سرڪاري طور تي تصديق ڪرڻ کان ڪيترائي هفتا اڳ جي ڳالهه آهي. هڪ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته ڪووڊ-19 جي وبا جي شروعات سان ئي ڪيترن ئي ملڪن جي صحت جي ماهرن ۽ سڌ سماءُ وارن ذريعن سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪورونا وبا پکڙجڻ جي نشاندهي ڪئي هئي. يورپي جرنل آف ايپيڊيمولوجي جي ريسرچ مان پتو پيو آهي ته ڪورونا وائرس نومبر 2019 ۾ يورپ ۾ ظاهر ٿيو هو. بيمارين تي ضابطو آڻڻ جي آمريڪي مرڪز جي رپورٽ مطابق ڪورونا وائرس ڊسمبر 2019 ۾ آمريڪا ۾ سامهون آيو هو.
137