ريودِي جينرو (ويب ڊيسڪ) لاطيني آمريڪي ملڪ برزايل ۾ موتمار ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ هڪ ڪروڙ 76 لک 29 هزار کان وڌي ويو آهي . جڏهن ته ملڪ ۾ هيل تائين 4 لک 93 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن . خميس تي آمريڪي سڌ سماءِ جي ذريعن موجب برازيل ۾ ڪورونا وائرس جي نئين ڪيسن کان پوءِ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 17629714 کان وڌي ويو آهي . برازيل ۾ هن وقت ڪورونا وائرس جا 1105276 فعال مريض آهن . برازيل جي صحت واري وزارت جي انگ اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو تصديق ٿيل انگ 493837 آهي . برازيل ۾ هيل تائين 16030601 ڪورونا مريض صحتياب ٿي ويا آهن.
