110

ڀارت ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 97 لک کان به وڌي ويو، 3 لک 81 هزار اجل جو شڪار

نئين (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ موتمار ڪرونا وائرس جا 67 هزار کان به وڌيڪ نون مريضن کان پوءِ ملڪ ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 2 ڪروڙ 97 لک کان به وڌي ويو جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ وائرس سبب هيستائين 3 لک 81 هزار فوتگيون ٿيون آهن .گذريل ڏينهن سڌ سماءِ وارن زريعن موجب ڀارت کي ڪرونا مريضن جو ٻيون وڏو  متاثر ملڪ قرار ڏنو ويو آهي ڀارت جي مختلف رياستن ۾ ڪورونا وائرس جا 67208 نون ڪيس  کانپوءِ متاثر ماڻهن جو انگ 29700313 ٿي ويو آهي . ڀارتي وزارت صحت موجب ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 826712 آهي سرڪاري ذريعن موجب ڀارت ۾ مجموعي طور تي  ڪرونا وائرس سبب متاثرن جو انگ8491670 2 ماڻهون صحتياب ٿيا آهن ڀارت ۾ ڪرونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ  متاثر مهاراشٽر  آهي جتي ڪرونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 59 لک 30 هزار کان به وڌيڪ آهي . ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب 3381931 ماڻهون فوت ٿيا آهن گريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب 2330 ماڻهون فوت ٿي ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو