اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ايوان جي ڪارروائي خوش اسلوبي سان هلائڻ لاءِ سياسي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن سان رابطي ۾ آهيان، منهنجي خلاف عدم اعتماد واري رٿ مخالف ڌر جو قانوني حق آهي، ايوان هلائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي، آئون پنهنجي حلف جي گهرجن موجب ايوان هلائيندس، منهنجي استعيفا جو مطالبو مخالف ڌر جي خواهش ٿي سگهي ٿي، آئون ايوان مان ملندڙ ميڊيٽ موجب پنهنجي ذميداري سرانجام ڏيندو رهندس. خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ واقعا افسوسناڪ آهن، اهڙا واقعا جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ نه آهن، منهنجي پوري ڪوشش هوندي آهي ته ايوان جي ڪارروائي کي قاعدن موجب هلايو وڃي، هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ پيج تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته بجيٽ اجلاس ۾ ميمبر پنهنجي تڪن جي ڳالهه ڪندا آهن ان لاءِ اهو بجث انتهائي اهم هوندو آهي، مخالف ڌر ۽ حڪومت ٻنهي کي درخواست آهي ته ايوان جي تقدس جو خيال رکن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ مخالف ڌر جو قانوني حق آهي، مخالف ڌر پنهنجو قانوني حق استعمال ڪري پر ايوان جي اندر پارلياماني روايتن جو خيال رکيو وڃي. ايوان جي ڪارروائي هلائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي جي گڏيل ذميداري آهي، مون پنهنجي حلف موجب ايوان جي ڪارروائي هلائيندس، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي ڪنهن سان ذاتي دشمني نه آهي مون سدائين ايوان جي تقدس جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، مون ايوان ۾ هلڙبازي تي ايڪشن ورتو ميمبرن تي پابندي لاڳو ڪئي، اهڙو مثال بڻائڻ چاهيون ٿا ته ايندڙ نسل ان تي عمل ڪري ۽ رهنمائي حاصل ڪري، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ اسپيڪر چيو ته ايوان جي ڪارروائي خوش اسلوبي سان هلائڻ لاءِ سياسي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن سان رابطي ۾ آهيان اميد ڪريان ٿو ته ايوان جي ڪارروائي قاعدن موجب هلائي ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته استعيفا جو مطالبو مخالف ڌر جي خواهش ٿي سگهي ٿي آئون ايوان مان ملندڙ مينڊيٽ موجب پنهنجون ذميداريون ادا ڪندو رهندس، هن چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي ميان شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان فون تي ڳالهه ٿي آهي ۽ وزيراعظم سان به ملاقات ٿي آهي ۽ سياسي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن سان به رابطي ۾ آهيان، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته ان معاملي جو ڪو حل نڪري اچي، بجيٽ سيشن جي اهميت جي گهرج آهي ته ميمبرن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ هو پنهنجي پنهنجي تڪن جا مسئلا اجاگر ڪن، هن چيو ته سمورن پارليامينٽرين ان حوالي سان وڌ کان وڌ ذميداري جو مظاهرو ڪن.
116