100

ڪورونا سبب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 46 ڄڻا فوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 46 فوتگيون ٿيون جنهن مان 18 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 118 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 40 سيڪڙو، لاهور ۾ 20 سيڪڙو، پشاور ۾ 18 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان  ڪراچي ۾ 26 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 31 سيڪڙو،  ملتان ۾ 25 ۽ گلگت ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 37 هزار 196 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 755،  پنجاب ۾ 7 هزار 619، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 527، اسلام آباد ۾ 4 هزار 419، بلوچستان ۾ هڪ هزار 30، گلگت بلتستان ۾ 372، آزاد ڪشمير ۾ 474 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 87 هزار 95 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 282 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 36 هزار 215 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 45 هزار 184 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 844، بلوچستان ۾ 26 هزار 409، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 745، اسلام آباد ۾ 82 هزار 253، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 36 هزار 474، پنجاب ۾ 3 لک 44 هزار 512 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 29 هزار 947 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 21 هزار 874 آهي جن مان سنڌ ۾ 5 هزار 292 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 15 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 10 هزار 586 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 17 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 2 مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 247 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض اسپتالن ۾  ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 773 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ 297 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. گلگت بلتستان ۾ 108 فوتگيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 571 فوتگيون ٿيون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 39 لک 71 هزار 689 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 639 اسپتالن ۾ 2 هزار 746 مريض علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو