اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان جي اڌ آبادي عورتن تي ٻَڌل آهي، موجوده حڪومت کين قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ عورتن کي ملڪي معيشت ۾ شامل ڪرڻ اڻٽر آهي، هاڻوڪي بجيٽ ۾ عورتن جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ ڪيترائي قدم تجويز ڪيا ويا آهن، عورتن کي ڪاروبار وڌائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قرض ڏنا پيا وڃن. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اسلام آباد چيمبرز آف ڪامرس جي هڪ وفد سان ملاقات ڪندي ڪيو. ملاقات دوران عورتن کي وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾ ڪاروباري سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اسلام آباد ۾ عورتن لاءِ مخصوص مارڪيٽ ٺاهڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو وزير چيو ته عورتون پاڪستان جي اڌ آبادي آهن، کين قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ پاليسيون بنائي رهيا آهيون. پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ عورتن کي ملڪي معيشت ۾ شامل ڪرڻ اڻٽر آهي.
