119

چونڊ عمل لاڳو ڪرڻ جي باري ۾ حتمي فيصلو اليڪشن ڪميشن جو هوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ قانونن ۾ ترميم بابت اليڪشن ڪميشن جا خدشا ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته چونڊ عمل لاڳو ڪرڻ جي باري ۾ حتمي فيصلو اليڪشن ڪميشن جو هوندو، حڪومتي ادارا سڌارن واري عمل کي شفافيت سان انجام ڏيڻ لاءِ مدد فراهم ڪندا، ووٽ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي انهن جو حق ڏيڻ جي ضرورت آهي. هو خميس ڏينهن هتي انٽرنيٽ ووٽنگ لاءِ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي بابت سب ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وارو وزير سيد امين الحق، ريلوي وارو وزير اعظم خان سواتي ۽ آءِ ٽي وزارت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، آءِ ٽي اليڪشن ڪميشن جو ڊائريڪٽر جنرل خضر عزيز ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ٻاهرين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ موجوده چونڊ قانونن ۾ به بهتري آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ جي سهولت بابت غلط فهمين کي ختم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل حصيدارن جي وچ ۾ رابطاڪاري کي بهتر بڻايو وڃي، هن چيو ته نظام ۾ موجود ڪمزورين جي ڪري عوام کي انهن جي بنيادي حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي، ان موقعي تي ريلوي واري وفاقي وزير اعظم خان سواتي اليڪشن ايڪٽ 2007ع جو حوالو ڏيندي اجلاس کي ٻڌايو ته ان ايڪٽ ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي رضامندي سان 49 ترميمون ڪيون ويون آهن، هن چيو ته لاڳاپيل ادارن کي جاري سڌارن جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن چونڊ عمل جي شفافيت ۽ ساک کي يقيني بڻائي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو