138

ڏھرڪي ويجھو زمين جي تڪرار تان ٻن درين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ معصوم نينگري قتل، ڇڪتاڻ

ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ويجهو رونتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪوڙو تڙت  ۾ زمين جي مالڪي جي تڪرار تان سميجا ۽ تڙت برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ مبينا طور تي گولي لڳڻ سبب گهر ٻاهران بيٺل  9 سالن جي ٻارڙي اميران ڌي نيڪ محمد سميجو فوت ٿي وئي. اهڙي اطلاع تي رونتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڌرين ۾ ٿيندڙ چتي فائرنگ تي ظابطو آڻي فوت ٿيل ٻارڙي جو لاش کڻائي سول اسپتال اوٻاوڙو آندو ويو جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي جي غير موجود سبب ٻارڙي جو لاش ڏهرڪي جي سول اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد  وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي سميجا برادري جي ماڻهن الزام ڏيندي چيو ته اسان جي ٻارڙي کي تڙت برادري جي  ماڻهن  پاران ڪيل فائرنگ سبب گولي لڳي جنهن جي ڪري سندن ٻارڙي فوت ٿي وئي آهي. هوڏانهن ايس ايڇ او رانوتي ايوب ڊوگر موجب ته واقعو زمين جي مالڪي جي تڪرار تان فائرنگ سبب پيش آيو آهي جڏهن ته ٻارڙي جي فوت ٿيڻ بعد پوليس پاران وڌيڪ انڪوائري بعد ڪارروائي ڪئي ويندي هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو