107

کهڙا ڀرسان ڪنگري واسي نوجوان جو کجين جي باغ مان گوليون لڳل لاش هٿ

کهڙا (ويب ڊيسڪ) کهڙا ڀرسان ڪنگري واسي نوجوان جو کجين جي باغ مان گوليون لڳل لاش هٿ، ان سلسلي ۾ کهڙا مائينر شاخ جي پل وٽ باغ مان 30 ورهين جي نوجوان جو لاش مليو، کيسي مان هٿ آيل سڃاڻپ ڪارڊ مان نوجوان جي راشد علي پٽ ڀاڳيل اڄڻ ويٺل ڳوٺ حيات اڄڻ ٽپال گهر هادل شاهه تعلقي ڪنگري طور سڃاڻپ ٿي آهي، هوڏانهن کهڙا پوليس لاش ٿاڻي تي کڻائي جتي ڪاغذي ڪارروائي بعد گمس مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ڀاءُ نظام الدين اڄڻ حوالي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن وڏي منشي شوڪت علي جتوئي ٻڌايو ته نوجوان کي هڪ گولي پٺي ۾ ساڄي ۽ ٻي کاٻي پاسي کان هٿ ۾ لڳل هئي، هوڏانهن لاش وصول ڪرڻ لاءِ آيل مقتول جي ڀاءُ نظام اڄڻ ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ڀاءُ ڪالهه شام جو گهران نڪتو، رات 10 وڳي تائين ساڻس رابطو هو، ظالمن ظلم ڪيو آهي، هن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته جاچ ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو