112

عمران خان اهو نه سمجهي ته جهيڙا ۽ بدتميزي ڪرائي هو بچي ويندو: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان اهو نه سمجهي ته جهيڙا ۽ بدتميزي ڪرائي هو بچي ويندو. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رڳو هڪ سال ۾ عام ماڻهو جي آمدني ۾ 17 سيڪڙو جي گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ 25 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، اها مهانگائي تبديلي جو اصل چهرو آهي، عمران خان چيو ته عزيز هم وطنو!ملڪ ترقي ڪري ويو آهي، عمران خان بجيٽ ۾ مزدور جي آمدني 20 هزار روپيا مقرر ڪري 700 ارب جو ٽيڪس هنيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر ٽن مان هڪ ٻار جي غذائي کوٽ جي شڪار ملڪ ۾ عمران خان کير ۽ ان سان سلهاڙيل شين تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس هنيو، 40 سيڪڙو غربت جي شڪار ملڪ ۾ کير وارين شين تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس مڙهڻ اسان جي ٻارن جي قتل جي برابر آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته بجيٽ جي نتيجي ۾ اٽي، تيل ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ مهانگائي جي هڪ سونامي آڻيندي جنهن کان پوءِ  عوامي رد عمل کي روڪڻ عمران خان جي وس ۾ نه هوندو، پي ٽي آءِ حڪومت غريب دشمن بجيٽ جي حقيقتن کي عوام کان لڪائڻ جي لاءِ مخالف ڌر جو آواز دٻائي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو