اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نواز شريف جي ملڪيتن جي نيلامي روڪڻ لاءِ درخواستون رد، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف جي ملڪيتن جي نيلامي روڪڻ لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي وڪيل قاضي مصباح الحسن دليل ڏنا ته احتساب عدالت نواز شريف جي ملڪيت نيلامي جو حڪم ڏنو، ان ۾ 3 درخواستگذارن جا حصا آهن، شيخپوره، اپر مال لاهو، ڪئنال روڊ ايراضي درخواستگذارن خريد ڪئي آهي پر قبضو اڃا به نواز شريف وٽ آهي، ڇيف جسٽس اطهر من الله پڇا ڪئي ته درخواستگذار ايراضي کي پنهنجي ملڪيت سمجهي رهيو آهي پر ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو آهي، جنهن بعد عدالت نواز شريف جي ملڪيتن جي نيلامي روڪڻ لاءِ درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
