154

سپريم ڪورٽ محمود آباد گرڊ اسٽيشن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ محمود آباد ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي گرڊ اسٽيشن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ گرين بيلٽ تي قائم گرڊ اسٽيشن خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پي اي سي ايڇ ايس فيز 6 محمود آباد ۾ 10 ايڪڙ گرين بيلٽ لاءِ مختص آهي پر پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي گرين بيلٽ ڪي اليڪٽرڪ کي ڏئي ڇڏي، گرين بيلٽ جو پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي سان ڪو واسطو ناهي ۽ اها ڪي ايم سي جي ملڪيت آهي، عدالت درخواستگذارن جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ محمود آباد ڪي اليڪٽرڪ گرڊ اسٽيشن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي گرين بيلٽ تي قائم گرڊ اسٽيشن ٻن مهينن ۾ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، چيف جسٽس ڪي ايم سي کي گرين بيلٽ اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان تي پارڪ ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي، چيف جسٽس چيو ته گرين بيلٽ کي ڪمرشل سرگرمي لاءِ استعمال جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو