ليکڪ: سرتاج چانڊيو
ايم آر ڊي جي تحريڪ جهڙي عظيم جدوجهد کان ڊڄي جنرل ضياءَ سنڌ خلاف جيڪي خطرناڪ فصيلا ڪيا ان ۾ ھڪ ايم ڪيو ايم جو وجود ۾ اچڻ ۽ ٻيو سنڌ جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ پويان پساهه کڻندڙ سرداري نظام کي ڪشتا کارائي طاقتور بڻائي سنڌي عوام جي ڳچي ۾ وڌو ويو، ٽئين طرف سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر پيدا ڪري سنڌي ماڻهن کي بيگناهه ماري ۽ اغوا ڪيو ويو، ڪلاشنڪوف جي برسٽن سان سنڌ جي ٻهراڙي کي بارود جي بوءِ حوالي ڪيو ويو، چوٿين طرف سنڌ ۾ پٺاڻن هٿان هيروئين جو ڪاروبار ڪرائي سنڌ جي نوجوان نسل کي نشي جو عادي بڻايو ويو، انهن سڀني بڇڙائين سان سنڌ جو غيرتمند ماڻهو وڙهيو، اهو وقت قومي غيرت جو هو، سنڌي قوم ۽ عوام کي متحد ڏسي سنڌ دشمن قوتن مٿيون سازشيون ڪيون، پر وري به سنڌ سوڀاري ٿي، جڏهن سنڌيت جي ڳالهه ڇڙي ته پوءِ سڀئي هڪ سڳي ۾ پوئجي ويا، سنڌي قوم جو اهڙو وڙ ڏسي دشمن لڄي ٿي پيا. سنڌي قوم جي اهڙي اتحاد ۽ ٻڌي کانپوءِ سرداري نظام کي هٿ سان مضبوط ڪري سنڌ کي قبيلائي جهيڙن جي باهه ۾ جلايو ويو، جيڪو سلسلو زور شور سان هن وقت تائين جاري ساري آهي، ان سرداري نظام جيڪي ناجائز ٻار پيدا ڪيا انهن ۾ ڦرون، ڌاڙا ۽ چوريون اچي وڃن ٿيون، سڄي سنڌ هن وقت بدامني جي باهه ۾ ننهن کان چوٽي تائين وڪوڙيل آهي، سڄي سنڌ جيان ضلعو قمبر شهدادڪوٽ به اهڙين بڇڙائين جي ور چڙهيل آهي، هتي چور، پوليس ۽ نمائندا هڪ پچ تي بيٺل آهن، عام ماڻهو روز ڦربو ۽ لٽبو رهي ٿو. سڄي ضلعي جي ٻن تعلقن وارهه ۽ نصيرآباد سان وڏو حشر آهي، جتي اهو ڏينهن خالي ناهي جڏهن ڌاڙا، ڦرون ۽ چوريون نه ٿينديون هجن، روز ڪاروباري ماڻهو ڪجهه غنڊن کان ڦربا رهن ٿا، اهي غنڊا وري تر جي ڏاڍن جا تيار ڪيل آهن. هنن ٻن تعلقن ۾ سياسي سماجي ماڻهن مٿان سياسي مخالفت جو ٺپو لڳائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سياسي ماڻهن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ مختلف حربا هلايا ويا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هي شهر فقط انهن جي رحم ڪرم تي ڇڏيا ويا آهن، جيڪي انهن سمورن عملن جا سرواڻ آهن، پوليس وري اصل ڪاٽڪو خانن جي پچر ڇڏي بي گناهه ماڻهن کي گرفتار ڪري سندن هڏ گڏ ڀڃي لکين رپين جي رشوت وٺي اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي جنهن سان ڏوهي ٻاهر ۽ بي ڏوهي اندر، خاص ڪري وارهه شهر سان ان مامري ۾ ڪلور ٿيل آهن، هتان جي ڳالهه ئي عجيب آهي، هي تعلقو پٺتي پيل هجڻ سان گڏ قبيلائي جهيڙن جو ڳڙهه بڻيل آهي، انهن جڳهڙن پويان به ڀوتارن جا هٿ آهن، جيڪي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ويڙها ويران ڪرائي پاڻ موجن ۾ آهن. ماڻهن کي ذهني غلام بڻائڻ جا سلسلا به ڪيترن سالن کان جاري ساري آهن، هي شهر ٻه منهين بلا جي وات ۾ آهي، هتان جا چونڊيل نمائندا پاڻ بدامني ڪرائي وري پنهنجي ڪوڙي ڪارڪردگي کي سچو بنائڻ لاءِ وڏي ڊرامي بازي ڪري چوريون موٽرائي ڪريل ڪارڪردگي کي بحال ڪري گلن جا هار پائي وڏو مڪر ڪندا آهن، هتي ان المئي جي به ڳالهه ضرور ڪبي ته وارهه ۾ جيڪي به نج سياسي ڌريون هيون اهي پنهنجي اندروني تضادن ۽ ٻين مامرن سبب ٽٽي چڪناچور بنجي ويون آهن، جنهن سبب شهر غير سياسي ماڻهن جي حوالي ٿيل آهي، جن هتان جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، هڪ گهري سازش تحت سياسي ماڻهن جي مقابلي ۾ غير سياسي ماڻهن کي تيار ڪري ڪوڙا اتحاد ٺاهي سندن پٺي ٺپڻ وارا به اهي طاقتور آهن. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هتان جون جيڪي به سچار ڌريون، فرد ۽ تنظيمون آهن اهي شهر جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين، سڀ ويڇا وساري رلجي ڪو اهڙو اتحاد جوڙجي جنهن سان هن شهر جو ڪو ڀلو ٿئي. تڏهن ئي هتي پيدا ٿيل بدامني کان جان آجي ٿيندي،جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ اهو ساڳيو حشر برپا ٿيندو جيڪو سالن کان سڀئي ڏسندا پيا اچون، هن شهر لاءِ سڀ ڪنهن پتوڙيون ۽ لوڙيو آهي، ڪالهه جي ته ڳالهه آ هي شهر سڀني بيواجبين ۽ ناانصافين کان آجو هو، جيڪو به هتي دادگيري ڪندو هو انکي معاف نه ڪيو ويندو هو، پر اڳتي هلي هتي اهڙو ماحول پيدا ٿيو جنهن جو جڏهن ذڪر ڪبو ته سڀني کي حيرت ٿيندي، محبتن جي جاءِ نفرتن والاري، شريفن جي جاءِ غنڊن والاري، شهر جي اندر فتنا ۽ فساد ڪرائي شهر جي اصل سڃاڻپ تي ليڪ ڏني وئي جيڪو سلسلو هن وقت تائين هلندڙ آهي. شهر جي انهن حالتن کي ڏسي ۽ پسي هينئڙو لوڻ ٿي وڃي ٿو.