189

اسٽاڪ مارڪيٽ جي ملڪي معيشت تي اثرن وارو سوال…؟؟

ليکڪ: فاروق عادل

اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪاروبار جي طريقي بابت هڪ سوال تي ڊاڪٽر شاهد حسن صديقي چيو ته ان تي جيئن ته ڪجهه درجن وڏن بروڪرز جي اجاراداري هوندي آهي، ان ڪري اهي ماڻهو وقتن بوقتن قيمتون وڌائي يا گهٽائي بحران پيدا ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن جي ڪري خساري جو شڪار ٿي ننڍن سرمائيڪارن جي چيلهه ڀڄي پوندي آهي ۽ اهي اقتصادي طور تي ڪمزور ٿي ويندا آهن، هن ان ڏس ۾ 15 مارچ 2005ع جو مثال پيش ڪيو، جڏهن ڪجهه هفتن دوران ئي اسٽاڪ ايڪسچيج جي شيئرز جي مجموعي ماليت تقريبن 800 ارب رپين جي کوٽ جو شڪار ٿي وئي، هڪ ٽاسڪ فورس ان بحران جي جاچ ڪئي، جنهن مان معلوم ٿيو ته ان بحران جي ذميواري ڪنهن نه ڪنهن حد تائين بروڪرن مٿان لاڳو ٿئي ٿي پر ان بحران جي ذميوارن کي سزا کان بچائڻ لاءِ رپورٽ کي ئي دٻايو ويو ۽ تقريبن هڪ سال کانپوءِ ان جي جاچ هڪ آمريڪي فرانزڪ ڪمپني جي حوالي ڪئي وئي پر ان جو دائرو ئي ايترو محدود ڪيو ويو جو اها ڪنهن نتيجي تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ بحران جا ذميوار صاف طريقي سان بچي نڪتا، 2005ع وارو اهو بحران اسٽاڪ مارڪيٽ جو ڪو آخري بحران نه هو، پر ان کانپوءِ به ڪيترائي بحران آيا آهن، پر انهن جي ذميوارن کي هميشه وانگر بچايو ويو، ڇو ته اهي بروڪر معاشري جي طاقتور ترين طبقن مان آهن. ڊاڪٽر صديقي مطابق انهن ماڻهن جي طاقت جو اندازو ان مثال مان لڳائي سگهجي ٿوته جنرل مشرف جي دور ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ڪئين هزار ارب رپيا ناجائز منافعو ڪمايو، جنهن جو انڪشاف اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ڀڳوان داس پنهنجي غير معمولي رپورٽ ۾ ڪيو هو، 12 جولاءِ 2009ع تي پاڪستان جي انگريزي اخبار ڊان مطابق رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته جسٽس ڀڳوان داس جي صدارت هيٺ ڪاميٽي جا 114 اجلاس ٿيا، جن مان پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت جي نمائندي صرف ٽن اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، اها رپورٽ جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وئي ته ان ۾ به ان رخ کي نمايان ڪيو ويو، مشهور قانوندان اڪرم شيخ رپورٽ جي ان رخ تي تبصرو ڪندي چيو هو ته ان سان وقت جي حڪومت جي هڪ خاموش مفاهمت جو انڪشاف ٿئي ٿو، جنهن تحت حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي اگهن جي تعين ذريعي ڦرمار جي سلسلي ۾ سڀ ڪجهه پيٽروليم ڪمپنين جي مرضي تي ڇڏي ڏنو هو.ڊاڪٽر صديقي مطابق ان معاملي کي تبصرو ڪري دفتر داخل ڪيو ويو ته اهو سڀ ڪجهه نيڪ نيتي سان ڪيو ويو هو، ڊاڪٽر صديقي مطابق 1993ع کان هن وقت تائين طاقتور طبقن کي ٽئڪس ايمنسٽي ڏني وئي آهي، جنهن جي مدد سان اهي ماڻهو معمولي ٽئڪس ادا ڪري ڪاري ڌن ۽ ڦريل دولت کي اڇو ڪري چڪا آهن ۽ پاڪستان ۾ اهو هڪ اهڙو معمول بڻجي چڪو آهي، جنهن تي هر حڪومت عمل ڪرڻ فرض سمجهي ٿي، تازو ئي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ قرار ڏنو آهي ته ڪورونا بحران دوران پاڪستاني حڪمرانن ڪورونا متاثرن جي بحالي لاءِ فيصلا ڪرڻ بدران سمورا فيصلا طاقتورطبقن جي مفادن ۾ ڪيا، جنهن سان معيشت جي واڌ جا رستا بند ٿي ويا، معيشت جي ماهرن مطابق پاڪستان جو اهو ئي اهو بنيادي مرض آهي، جنهن جي ڪري عوام جي حالت خراب ئي خراب رهي ٿي، يا ان جي زندگي جو معيار ڪرندو ئي وڃي ٿو.جڏهن قومي آمدني جو هڪ وڏو حصو هڪ محدود طبقي جي کيسي ۾ هليو وڃي ٿو، ان سلسلي ۾ مشهور اقتصادي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر شاهده وزارت چوي ٿي ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اجاراداري جو رجحان حاوي آهي، 90ع جي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن اهو رجحان 70 کان 75 سيڪڙو هو ته هاڻ وڌي 95 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي، جنهن سان ڪارٽيل وجود ۾ اچي ويا آهن، هوءَ چوي ٿي ته تازو ئي کنڊ ۽ سيمينٽ جي وڌندڙ قيمتن وارو پيدا ٿيل بحران ان صورتحال جو نتيجو آهي، ان قسم جون حالتون آهن جن جي روشني ۾ ماهر ان نتيجي تي پهتا آهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ جون سرگرميون قومي معيشت جي صحيح تصوير پيش نه ٿيون ڪن ۽ ائين ڄڻ ته سرمائيڪاري انهن پرڏيهي پکين جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، جيڪي نسبتن سازگار حالتن ۾ مختصر وقت لاءِ پاڪستان جو رخ ڪندا آهن ۽ جلد ئي اڏامي ٻاهر هليا ويندا آهن.پر پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رجسٽرڊ بروڪرن جو چوڻ آهي ته موجوده دور ۾ مارڪيٽ تي اثرانداز ٿيڻ ممڪن ناهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رجسٽرڊ بروڪريج فرم ڊارسن سيڪيورٽيز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ملڪ دل آويز اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪجهه گروپن ۽ وڏن بروڪرن جي هڪ هٽي تي تبصرو ڪندي چيو ته ماضي ۾ ائين ٿيندو هو پر هاڻ مارڪيٽ ۾ انتهائي گهرائي اچي چڪي آهي، ان ڪري هاڻ ائين ممڪن نه آهي، هن چيو ته هاڻ مارڪيٽ ۾ ميوچل فنڊز، پرڏيهي ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني سرمائيڪارن ۽ ريٽيل سرمائيڪارن جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي، جن جي هوندي مارڪيٽ تي اثرانداز ٿيڻ ڏکيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هن وقت ڪارٽيلائيزيشن جي ڳالهه بي بنياد آهي ۽ مارڪيٽ جو مجموعي سرمايو ۽ ان ۾ سرمائيڪارن جي انگ کي نظر ۾ رکندي اهو ممڪن نه آهي ته ڪجهه فرد ۽ گروپ ان کي پنهنجي مرضي مطابق هلائي سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو