186

اسان جي سياست ڪيڏانهن پئي وڃي..؟؟

ليکڪ: حاڪم نصيراڻي

انسان جي خدمت ڪرڻ، انسان لاءِ بهتر سوچڻ کان وڌيڪ ٻيا ڪي به ڪم ناهن، ان ڪري دنيا جي هر ڪاروهنوار ۾ انسانيت جي ڀلائي ضرور شامل هوندي آھي، استادن جي تعليم ۽ تربيت هجي يا وري سائنسدانن جي تحقيق، اڪابرن جو علم هجي يا ڊاڪٽرن جي حڪمت، مزدورن جي مزدوري کان وٺي هر ننڍو وڏو ڪم انسانيت جي سک ۽ سلامتي لاءِ ڪيو ويندو آھي، جيڪڏهن ڳالهھ سياست جي ڪيون ته شايد سياست کان وڌيڪ انسانيت جي خدمت ٻئي ڪنهن شعبي ۾ نه ٿي ڪري سگهجي، ڇو ته اهي سياستدان ئي آھن جيڪي ملڪ جي هر فرد جي حال ۽ مستقبل جو فيصلو ڪندا آھن، گذريل ڏينهن ٽي وي جو رموٽ کڻي چينل تبديل ڪندي نجي ٽي وي جي نيوز چينل  جي اسڪرين تي ويڙھه جو منظر اچي  ويو، منظر اهڙو ته عجيب هو جو منهنجو ڇرڪ نڪري ويو، ائين لڳي پيو ڄڻ ته ڪنهن فلم واري  هوٽل تي ويٺل اڻپڙھيل بي شعور ماڻھن چانهھ دير سان ملڻ ڪري هڪ ٻئي تي ڪوپن، گلاسن يا پاڻي جي جڳن سان حملو ڪري ڏنو هجي، غور سان ڏسڻ کان پوءِ خبر پئي ته اهي اڻپڙهيل جاهل نه پر اسان جي مقدس اسيمبلي جا  پڙھيل لکيل معزز ميمبر آھن، جيڪي ڪڪڙن جي ميل تي ٿيندڙ جهيڙن کان به بدتر انداز سان هڪ ٻئي تي ڪتابن، ڪاپين ۽ بوتلن سان سان حملا ڪري رهيا هئا، ان سان گڏ ايترو ته شور هو جو ڪو به لفظ چٽو سمجهھ ۾ نه پئي آيو، جيڪي لفظ سمجهھ ۾ آيا اهي هتي لکندي شرمندگي ٿئي ٿي، ڇو ته منهنجي هن آرٽيڪل کي هزارين پنهنجا پراوا انسان پڙهندا، اميد آھي ته انهن لفظن ۾ به هر اهو جملو شامل هوندو جيڪو عام ماڻھو پنهنجي گهر ۾ ٻارن آڏو ڳالهائيندي شرمائيندو هوندو، ان سڄي ڊرامي کان اوهان سڀ واقف آھيو ته هن وقت حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ ٻئي خلاف سندرو ٻڌي ميدان ۾ لٿل آھن، شوڪت ترين جي تقرير وقت مخالف ڌر رخنو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي وري حڪومتي ڌر جا ميمبر، وزير ۽ مشير مخالف ڌر کان پلاند وٺڻ لاءِ هوشيار باش لڳا پيا آھن، ان ڪري مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف جيئن ئي بجيٽ تي ڳالهائڻ جي شروعات ڪئي ته حڪومتي ڌر جا ميمبر شور ڪرڻ لڳي وڃن ٿان، نوبت ان حد تائين وڃي پهتي آھي جو ميمبر سٽ ڪُٽ جي راند کيڏڻ شروع ڪري ڏين ٿا، حڪومتي ماڻھن جي تقريرن مهل مخالف ڌر جو شور شرابو يا هل هنگامو ته سمجهھ ۾ اچي ٿو، پوري دنيا ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي تقرير تي سرڪاري پارٽي جي ميمبرن جو ايڏو ردعمل تمام گهٽ ڏٺو ويو آھي، جيڪو موجوده پي ٽي آءِ جي حڪومت جا معزز ميمبر ڪري رهيا آهن،  بيشڪ سياست ۾ مخالفت ٿيندي آھي، سياسي مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ڪيا ويندا آھن، انهن کي مختلف انداز سان پريشان به ڪيو ويندو آھي، سياسي جلسن جلوسن ۾ مخالفن تي لفظي گولا باري به ڪئي ويندي آھي، اهي سڀ ڳالهيون سياست ۾ هلنديون رهنديون آھن. ڪجهھ سال اڳ سياسي پارٽيون پنهنجي ورڪرن جي نظرياتي تربيت ڪنديون هيون، انهن کي پارٽي جو لٽريچر پڙھايو ويندو هو، ان سان گڏ دنيا ۾ ٿيندڙ نئين تبديلين کان آگاهه ڪيو ويندو هو  پر جڏهن کان سوشل ميڊيا جو عروج ٿيو آھي تڏهن کان سياست ۾ مخالفت نه پر تذليل جو سلسلو تمام گهڻو شروع ٿي ويو آھي، هن وقت مختلف سياسي پارٽين جا هر علائقي لاءِ سوشل ميڊيا جا جٿا تيار ڪيا ويا آھن، جن جو ڪم صرف سياسي مخالفن ۽ انهن جي حامين جي تذليل ڪرڻ آھي، اسان جي سياسي اڳواڻن اهڙن ماڻھن کي باقاعده تربيت ڏئي سڀ سهولتون مهيا ڪري ڏنيون آھن، ميڊيا سيلز جون افتتاحي تقريبون پڻ ڪوٺايون ويون، انهن کي خطاب پڻ ڪيا ويا، بس سڄو ڏينهن مختلف شوشا ڇڏيا وڃن ٿا، اڳواڻن جا ڪارٽون ٺاهي کين هيٺانهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄ پارليامينٽ جهڙي مقدس جاءِ تي گارگند واري ٻولي سان گڏ حملا پڻ ڪيا پيا وڃن، اهو عمل تمام خراب آھي، دنيا آڏو اهو پيغام وڃي پيو ته پاڪستاني سياستدان جمهوريت پسند نه پر تشدد پسند آھن، اهڙي عمل جي سزا سڀني کي ملندي ڀل ان جو روپ ڪهڙو به هجي، اسان جي سماج ۾ انسان جي سڃاڻپ سندس ڪردار ۽ گفتار سان ڪئي ويندي آھي، جيڪو بدڪلامي ڪري يا ٿوري ٿوري ڳالهه تي وڙھي پئي ان شخص کي سٺي نگاهه ناهي ڏٺو ويندو ۽ ڪو به شريف ماڻھو اهڙي بداخلاق ۽ بخيل انسان سان تعلق کي پنهنجي لاءِ مهڻو سمجهندو آھي، ڪڏهن ڪڏهن ته ان قسم جي ماڻھوءَ جي نسل تي به آڱريون کنيون وينديون آھن، جنهن سماج ۾ عام ماڻھو لاءِ اها سوچ آھي اتي معزز ميمبر به ان سوچ کان بچي نٿا سگهن، اڄ ڪلهھ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ڪيترن ئي شريفن جي چھرن تان شرافت جا نقاب لاهي ڇڏيا آھن، ڀلي اهي مرد هجن يا وڏ گهراڻيون گاديون، سندن هر عمل سڀ جي آڏو چٽو پيو آھي، جڏهن اسان جا معزز، پير، مير، سردار، رئيس، چوڌري توڙي ڀوتار ائين ايوانن ۾ بدڪلامي ۽ الرون ڪندا رهندا ته پوءِ عوام تي ڪهڙي ميار آهي؟ جو اهي غيراخلاقي عمل ڪن ٿا پيا، قومون اڳواڻن کي پنهنجو آئيڊيل سمجهنديون  آھن، انهن جي وارن جي اسٽائل کان وٺي سندن اٿڻ ويهڻ ايتريقدر جو گفتگو ۾ به پنهنجي محبوب اڳواڻن جو نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، جڏهن اسان جا اڳواڻ بداخلاق ۽ جهيڙاڪ هوندا ته اسان به ائين ڪنداسين، جيئن اسان جا اڳواڻ ڪن پيا، اڄ جي ڪجھه سياستدانن کي ڏسي اها خبر پئي ٿي ته سياست ۾ واقعي شودا ماڻھو گهڙي آيا آھن يا هٿ وٺي سياست کي بي توقير ڪرڻ لاءِ شودن کي پارليامنٽ ۾ موڪليو ويو آھي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي اسيمبلين ۾ رڳو چور چور، بي ايمان بي ايمان ۽ نااهل جهڙا نعره ٻڌون ٿا پر غريب عوام جي بهتري لاءِ ڪوبه عملي ڪم ٿيندي نظر نه پيو اچي، سندن اها روش انهن لاءِ تمام گهڻي خطرناڪ آھي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو سائين جن شرم کان پنهنجي ووٽرز سان نظرون به نه ملائي سگهن، انهن ڪجهھ نابالغ ميمبرن جي ڪردار کي ڏسي ائين لڳي ٿو سياست بداخلاقي ۽ ڇڙواڳيءَ جي ڪُن ۾ ڦاسندي پئي وڃي، جنهن جو انت تمام گهڻو خراب ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو