ليکڪ: اعتزاز احمد چانگ
سنڌ جي تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسون ٿا ته اڄوڪي سنڌ جي قسمت تي دل رت جا ڳوڙھا روئي ٿي، ھي ڌرتي جيڪا ھميشه خوشحال، سرسبز ۽ ھر دور ۾ واپار جو مرڪز رھي آھي اڄ ڪھڙي نه ڏکئي وقت منجھان گذري رهي آهي، ڪڏھن ھن قوم زراعت جي شعبي ۾ بي شمار ترقي ڪندي ڪيترائي پوکي جا نوان نوان طريقا پئي ڳوليا ته ڪڏھن لوھه جا ڪارخانا لڳائي ان منجھان ان دور جا جديد اوزار ٺاھي ٻين قومن کي اچرج ۾ وجھي ٿي ڇڏيو. ڪڏھن پوري دنيا سان واپار جون راھون ھموار ڪندي ھن ڌرتي کي واپار جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. ان جو وڏي ۾ وڏو ثبوت تاريخي ماڳن جي کوٽائي دوران واپار ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي ۽ ٺپا پڻ ملن ٿا ۽ انھن ڪارخانن جا آثار پڻ موجود آھن. عرب ڇاڪاڻ ته وڏا واپاري ھئا، اهي ھن علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ مصالحه ۽ ٻيون کاڌي پيتي ۽ روزمرہ جون شيون ۽ ھتي اڻيو ويندڙ ڪپڙو ھتان کڻي پوري دنيا ۾ وڪرو ڪندا ھئا. ان ڪري سھولت ۽ امن امان ھئڻ جي ڪري سمنڊ ڪناري مالابار واري پٽي ۾ اچي آباد به ٿيا، جن جو ذڪر پڻ تاريخ ۾ ملي ٿو، انهن اڳتي ھلي ھتي شاديون به ڪيون ۽ ھتان جا ٿي ويا، ھن ڌرتي جو ڪپڙو پوري دنيا ۾ پھريو ۽ پسند ڪيو ويندو ھو ۽ اڄ تائين هن خطي جا مصالحه ڏيھان ڏيهھ مشھور آھن، خشڪي ۽ سامونڊي رستي ذريعي ھن قوم ايڏي ته ترقي ڪئي جو جڏھن به ڪو حملو ڪندڙ ھتان واپس ٿي وريو ته سون ۽ چاندي جا ٻيڙا ڀري ٿي ويو، کيس ايترو ته لٽ جو سامان بطور مال غنيمت ھٿ ٿي آيو جو کڻڻ لاءِ سندس جھاز ۽ جانور کٽي ٿي پيا، اھو ئي سبب آھي ته ھي ڌرتي ھميشه سامراجي قوتن ۽ لٽيرن جي نظر ۾ رھي آھي، جن وقتن بوقتن ھن ڌرتي تي قبضو ڪرڻ ۽ لٽ مار ڪرڻ لاءِ ھن آزاد ڌرتي جون سرحدون تاراج پئي ڪيون آھن، تاريخ وڏي بي رحم آھي، ڪنھن جا به ڪيل ڪيس لڪائي نٿي. اھا تاريخ اڄ به ان ڳالهھ جي شاهدي ڏيندي نظر اچي ٿي ته سڪندر يوناني کان ويندي ابن قاسم تائين ھن ڌرتي تي تمام گھڻيون لشڪر ڪشيون ٿيون آھن. جنھن سبب ھي ڌرتي گھڻو وقت آزاد ۽ خودمختيار حيثيت ۾ برقرار نه رھي سگھي آھي، جيتوڻيڪ ھن آزاد ملڪ جا سرفروش سپاھي جوان مردي سان انھن قوتن جي للڪار کي روڪڻ لاءِ ۽ ڌرتي جي حفاظت خاطر جوان مردي سان رستا روڪ ڪندا رھيا آھن، پر شڪستون به سندن مقدر رھيون آھن. جنھن کان پوءِ ڌرتي ڪڏھن عربن جي اقتدار ھيٺ رھي ته ڪڏھن سندس حڪمران ارغون ۽ ترخان ته ڪڏھن انگريز پئي رھيا آھن. ھي قوم ڪڏھن سرحدن جي حفاظت ڪندي جان جو نذرانو ڏيندي رھي ته ڪڏھن غلام بڻجي ظلم سھندي رھي. سندس قسمت سمنڊ جي ڇولين جيان تبديل ٿيندي رھي آھي، جنھن کي سنڌوءَ جي ساڃاهه ۾ سائين جي ايم سيد رات ۽ ڏينھن جو مثال ڏئي سمجھايو آھي، ٻاھرين قوتن جي ظالم حڪمراني دوران ھي قوم خاموش ۽ اگھور ننڊ ۾ رھي لٽجندي ۽ جبر سھندي رھي آھي ۽ جڏھن ملڪ جون واڳون ڌرتي ڌڻين جي مٺ ۾ آيون ٿي ته ھي قوم جئين ننڊ مان ھڪ پل ۾ جاڳي پئي ھجي ۽ وري ترقي جون نيون منزلون طئي ڪندي معاشري جو سڄو ڍانچو تبديل ڪري ڇڏيندي ھئي پر اھا ترقي گھڻو وقت ظالمن کان برداشت نه پئي ٿي ۽ سندن ڳلي جي ھڏي بڻجي سدائين پئي چڀندي رھي، جنھن سبب ھن ڌرتي تي قابض ٿيڻ لاءِ ابن قاسم جي آخري حملي تائين عربن سنڌ تي چوڏھن حملا ڪيا، اڃا مس ڪو پر سڪون واءُ وريو ٿي ۽ پکين ۽ ماڻھن جا پرامن گيت گونجيا ٿي ته وري ڪنھن وقت جي فرعون ھزارين سنڌين کي پنهنجي ئي رت ۾ ڳاڙھو ڪري ٿي ڇڏيو، اھڙين ويساھه گھاتين جو سلسلو مسلسل قائم آھي، سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاھي اسان جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غير آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌوءَ ۾ ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ فقط واري اڏامندي نظر ايندي. لکين ايڪڙن تي بيٺل سنڌ جا ٻيلا ساڙائي سنڌ جي آبهوا کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. سي جڏھن بي لاڀ ٿيون ته ڪراچي ۾ لساني جھيڙا ڪرائي، ايم ڪيو ايم جھڙي دھشتگرد تنظيم کي ھٿي وٺرائي ھزارين سنڌي قتل ڪيا ويا. سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ صوبو ھوندي به سندس ئي شھري انھي سھولت کان محروم آھن، ھتي قائم اسٽيل مل جنھن ۾ ھزارين مزدور ڪم ڪندا ھئا اھا ڏيوالي جو شڪار آھي جيتوڻيڪ خانگي اسٽيل جون ملون لکين رپيا مالڪن کي ڪمائي ڏين ٿيون. اسان جي بندرگاھن تي لھندڙ شيون ڪراچي کان کڻي پنجاب ۾ ڊرائي پورٽ تي منتقل ڪري ساڳيون شيون ڪسٽم ڊيوٽي لڳائي ٻيڻي يا ٽيڻي قيمت ۾ سنڌ موڪليون وڃن ٿيون. ڳالهھ اتي ئي ختم ٿيڻي ناھي. ھن ديس جا سور گھڻا آھن پر لکڻ وارا قلم تمام گھٽ آھن. سنڌ مان ملندڙ ڪوئلو ايترو ته قيمتي ۽ ايتري ته مقدار ۾ آھي جو سوين سالن تائين ملڪ جون بتيون گھٽ خرچ ۾ روشن رکي سگھجن ٿيون. ان کانسواءِ ٻين ملڪن کي کپائي ناڻو پڻ ڪمائي سگھجي ٿو. پر اھو ڪوئلو ڪيترن ئي سالن کان ٽرڪن ۽ ٽرينن جي ذريعي پنجاب ڏانھن ويندي ڏٺو ويو آھي. انھي ڪاري سون جا مالڪ ٿرپارڪر جا رھاڪو اڄ به پيئڻ جي پاڻي کان محروم آھن، ھن ڌرتي جي پيٽ مان نڪرندڙ پيٽرول ھتان کان کڻي پنجاب ۾ صاف ڪري تمام گھڻا ٽيڪس لڳائي اسان کي کپايو ويندو آھي، سنڌ جون زمينون قبضا ڪري ترقي جي نالي تي ڌارين حوالي ڪري ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، لينڊ مافيا جي ماڻھن کي استعمال ڪري ليلا جي آتڻ جھڙا قديمي ماڳ ۽ گبول ڳوٺ ڊاھي اتي سنڌ دشمن منصوبا جوڙي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون ڪوششون زور ۽ شور سان اڄ به جاري آھن. ۽ جڏھن ساڳيا ماڻھو ان خلاف احتجاج ڪن ٿا ته انھن خلاف دھشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا وڃن ٿا. اسان جي اکين جي اڳيان اسان جي نياڻين جا سھاڳ اجاڙيا ويندا آھن ۽ سندن ارمانن جا قتل ڪيا ويندا آھن. سنڌ جي ٻيٽن کي غير قانوني طور ھڙپ ڪرڻ لاءِ ايوانن جي حرمت کي باءِ پاس ڪري صدارتي آرڊيننس پاس ڪيا ويندا آھن. ڪڏھن ھزارين ميڊيڪل جي شاگردن جا حق کائي سيٽون پنجاب جي حوالي ڪيون وينديون آھن ته ڪڏھن ڪوڙا ڊوميسائل ٺاھي سنڌ جي سيٽن تي ڌاريا ڀرتي ڪري معاشي طور اسان کي ڪمزور ڪيو ويندو آھي. پوءِ به اسين خاموشي سان غلام قوم جيان چپ جو روزو رکي ڇڏيندا آھيون، اھڙي انڌيري رات منجھان نڪرڻ جا طريقا ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران انڌيري جو فائدو وٺي پرسڪون ننڊ جو مزو ماڻيندا رھندا آھيون، ڇا اسان ھميشه ائين ئي مار کائيندا رهنداسين؟؟ ڇا اسين ھر دور ۾ پنھنجي وسيلن جي ڦرلٽ ائين ئي ڏسندا رھنداسين؟؟