ليکڪ: مير حسن ”ملزم“ شر
سنڌ جي ممتاز صحافي نوجوان اديب قابل ڏاهري جي وڇوڙي جو غم ئي نه وسريو هو ته مرحوم فقير عبدالحق ڏاهري جي اوچتو رحلت ڪري وڃڻ جو ٻڌي هانءُ هڄي ويو، ڪجهه لمحن لاءِ سراپجي ويس، دوستن سان رابطو ڪرڻ تي تصديق ته ٿي پر پوءِ به دل کي يقين نه پيو اچي، ڇو ته ساڻس وفات کان ڪجهه ڏينهن پهريان پرخلوص انداز ۾ ملاقات ٿي هئي، فقير عبدالحق ڏاهري جي وڇوڙي تي ڪافي عزيزن، دوستن، جماعتين ۽ سوشل ميڊيا جي دوستن اديبن، صحافين ۽ شاعرن لکيو آهي ۽ لکندا رهندا، ڇو ته پاڻ به علمي، ادبي، صحافتي سياسي سماجي شخصيت جو مالڪ هو، ڪافي خداداد صلاحيتن جو مالڪ هو، اهڙي شخصيت لاءِ لطيف سرڪار فرمايو آهي ته ” ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي“ جيڪو شخص الله تبارڪ و تعاليٰ جي حڪمن جو احترام ڪري ٿو الله سائين جي مخلوق تي رحم ڪري ٿو، محبوب نبي ڪريم صه جي پيروي ڪري ٿو، اهو شخص الله سائين جي صالح بندن مان آهي ۽ فقير عبدالحق ڏاهري ۾ اهي مڙئي خوبيون هيون، مرحوم عبدالحق ڏاهري درويش صفت انسان هو، سنڌ جي سورهيه بادشاهه جي حق سچ واري واٽ تي هلندڙ سچو سپاهي هو، منجهس اڻ ڳڻيون خوبيون هيون پر سڀ کان وڏي خوبي اها هئي ته ماڻهو کي پهرين ملاقات ۾ پنهنجو ڪري وٺندو هو، منهنجي ساڻس ملاقات نه رڳو سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ٿي پر هنن ڀائرن سان منهنجو ڀائپيءَ جو رستو مرحوم قابل ڏاهري جي ڪري ٿيو، مرحوم قابل ڏاهري تمام قدآور شخصيت جو مالڪ هو، هو پنهنجي خوبين جو مٽ پاڻ هو، ان حوالي سان فقير عبدالحق ڏاهري مرحوم قابل ڏاهري جي خوبصورت تخليق چئجي ته انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، هي به ان وانگر قول ۽ فعل جو سچو پڪو، يارن جو يار، ماڻهپي وارو محبتي ماڻهو هو، نوريءَ جي نياز جهڙو فقير عبدالحق ڏاهري ڪمال جي شخصيت جو مالڪ هو، هونئن به ڪنهن شخصيت جي پرک ۽ پروڙ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن وڏو عرصو به ناڪافي بڻجي پوندو آهي ته ڪڏهن وري ڪجهه لمحا يا ملاقاتون ان پرک جي تڪميل لاءِ ڪافي هوندا آهن، فقير عبدالحق ڏاهري سان منهنجي رابطي کي ٿورائي ڏينهن ٿيا هئا پر سندس شخصيت جو اهو ڪمال ۽ خوبصورت اثر ئي آهي جو پاڻ اڄ سوڌو وسريو ناهي، فقير عبدالحق هر ننڍي توڙي وڏي جماعتي توڙي غير جماعتي سان بهترين لاڳاپا رکيا، اوڙي پاڙي وارن جي وس آهر بنا فرق جي خدمت ڪندو هو، ، هن فقير منش ماڻهوءَ جو نه رڳو شاهپورچاڪر يا سانگهڙ ضلعي جي ماڻهن سان پيار، محبت ۽ وابستگي هئي پر کيس پوري سنڌ جا ماڻهو ذاتي بنيادن تي سڃاڻيندا هئا، پاڻ اڪثر چوندو هو ته سنڌ ڌرتيءَ جو هر ڄائو منهنجي لاءِ معتبر آهي. اهي شخصيتون جيڪي پنهنجي مزاج ۽ جوهر ۾ ادارن جي حيثيت رکنديون آهن، انهن جي مان مرتبي، شان ۽ شوڪت علم ۽ ڏاهپ کي ڪو به پوشيده نٿو رکي سگهي، يقينن اهڙن باڪمال شخصيتن ۽ اهڙن کاهوڙي ڪردارن تي اسان جهڙن پوڙهن معمولي ماڻهن پاران ڪجهه لکڻ يا ڳالهائڻ ڄڻ سج کي آئينو ڏيکارڻ آهي، بقول دوست محترمه غلام حسين ڀنڀرو جي ته فقير عبدالحق ڏاهري مرحوم قابل ڏاهري کانپوءِ پرجوش انداز ۾ حر جماعت، دوستن، ادب ۽ صحافت جي خدمت ڪئي، ۽ قابل ڏاهري واري واٽ 27 سال جاري رکي ۽ ان جي دوستن ۽ واسطيدارن سان ميل ميلاپ جو نرالو انداز رکيو، سڀني سان ٻانهن ٻڌڻ واري واٽ هئي، هر طبقي، هر عمر، هر مزاج وارو ماڻهو ائين سمجهندو هو ته فقير عبدالحق ڏاهري اسان جو پنهنجو آهي، جيئن ڪڏهن نه ڪو سا ٿين ڏورايو ڏيئي…!! 17 جون 2021ع تي فقير عبدالحق ڏاهري جي پهرين ورسي آهي، پاڻ ظاهري طرح وصال ڪري ويو آهي، پر يقين ڪيو ته سندس لفظ، سندس مسڪراهٽ، سندس يادون، سندس تحريرون، سندس تقريرون، اسان جي روح ۾ رچيل آهن، ڇو ته جيجل ماءُ ۽ جيجل جي ٻولي سان بي انتها محبت رکندڙ محبتي ماڻهو هو، سندس قلم ۾ ڪمال جي تربيت سمايل هئي، سورهيه بادشاهه جي سورهيائي کان وٺي ڌرتي جي ماروئڙن جي حالت زاريءَ تي لکندو رهندو هو، سندس ارادي ۽ پختگي سان دودي جي دليري ۽ هوشو جي للڪار جا پڙاڏا گونجندي محسوس ٿيندا هئا. سندس لفظن ۾ ڪمال جي قدرت سمايل هئي، انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، حقيقت ۾ موت هڪ وڏو وڇوڙو آهي، جنهن جو خاتمو حشر آهي، جنهن جا جاني جدا ٿيندا آهن ڪير انهن کان پڇي ته جدائي ڇا ٿيندي آهي، دل، دماغ، جسم ۽ روح مطلب ته انهيءَ جو سڄو وجود اجڙي ويندو آهي ۽ انهي جي سڄي ڪائنات به اجڙي ويندي آهي پر الله سائين جي امر آڏو سڀ راضي رهندا آهن، دعا آهي ته رب سائين فقير عبدالحق ڏاهري کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، سهڻي رسول صه جي زيارت نصيب ڪري ۽ مرشد ڇٽ ڌڻي بادشاهه جي ڪچهري نصيب ڪري، آمين، ننڍڙي عمر ۾ هن وڏي مقام تي پهچڻ جهڙي تهڙي جي وس ۾ ناهي، هي الله وارن جي صفت آهي، آخر ۾ ائين چوندس ته ”مون سي ڏٺا ما ءِ جنين ڏٺو پرين کي، تنين سندي ڪاءِ ڪري نه سگهان ڳالهڙي…!! رب سائين اسد ڏاهري (ڀاءُ) قابل ڏاهري (جونيئر پٽ) کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين