123

ڪورونا ويڪسين جو بحران جلد حل ٿيڻ گهرجي….!!!

ايڊيٽوريل

ملڪ ۾ ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين جو بحران پيدا ٿيڻ جون خبرون اچي رهيون آهن، ميڊيا جي مختلف چئنلن ۽ ٻين ذريعن کان خبرون هلي رهيون آهن ته وفاقي حڪومت صوبن کي ويڪسين فراهم ڪرڻ ۾ سستيءَ جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن سبب ڪراچي، لاهور ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪورونا ويڪسين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ کوٽ سبب جي ٻئي ڊوز لاءِ رکيل ويڪسين به پهريون ڀيرو ايندڙن کي لڳائي پئي وڃي، خدشو ڏيکاريو پيو وڃي ته پهريون ڊوز لڳرائيندڙن کي ٻيو ڊوز وقت تي نه لڳو ته پهرئين ڊوز جو اثر به ضايع ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، خيبرپختونخوا جي صحت واري سيڪريٽري به خبردار ڪيو آهي ته ويڪسين جي فراهمي ۾ دير سان ويڪسينيشن جو عمل متاثر رهندو، صحت واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ويڪسين جي کوٽ جي ذميواري وفاق تي نه آهي، ويڪسينيشن سينٽرن لاءِ ويڪسينز جو مقدار ۽ پهچ جي تاريخ جو تعين صوبائي حڪومتون ڪن ٿيون، جڏهن ته ويڪسين جو بحران پيدا ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت فوري طور تي وڌيڪ 2 ڪروڙ 75 لک ويڪسين جون خوراڪون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، صحت واري وزارت مطابق سائنوفارم، سائنوويڪ ۽ ڪين سائنو ويڪسين جي پوڻا 3 ڪروڙ خوراڪن جي خريداري جا معاملا طئه ٿي ويا آهن، سائنو فارم جي 2 ڪروڙ 30 لک، ڪين سائنو جي 20 لک ۽ سائنو ويڪ جي 25 لک خوراڪ خريد ڪئي ويندي.پ پ جي سينيٽر شيري رحمان ويڪسين جي کوٽ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اين ڊي ايم اي ۽ صحت واري وزارت وچ ۾ هم آهنگي جي کوٽ ملڪ ۾ ڪورونا ويڪسين جي کوٽ جو سبب آهي، هن چيو ته لاهور سميت پنجاب ۾ ويڪسينيشن جي ڪيترن ئي مرڪزن ۾ ويڪسين جي فراهمي بند ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ جي ويڪسين سپلاءِ ۾ به گهٽتائي اچي چڪي آهي، هن سوال ڪيو آهي ته ڇا وفاقي حڪومت صرف عطيو ڪيل ويڪسينن تي زندهه رهڻ جو منصوبو ٺاهي رهي آهي يا حڪومت ٻيهر ويڪسين گهرائڻ وسري وئي آهي، هن سوال ڪيو آهي ته حڪومت فائزر ويڪسين جون هڪ لک خوراڪون ڪٿي لڪايون آهن؟ اسان سمجهون ٿا ته اڳ جڏهن مختلف افواهن ۽ خدشن جي ڪري عوام ويڪسين ڪرائڻ لاءِ تيار ئي نه هو ته حڪومت سميت ميڊيا جي ادارن، سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي وڌي چڙهي هڪ آگاهي مهم هلائي هئي ۽ ماڻهن جي ذهنن مان ويڪسين بابت خدشن ختم ڪيا هئا ۽ هاڻ جڏهن عوام ويڪسين لاءِ تيار آهي ته ان کي ويڪسين نه پئي ملي، جيڪا يقينن هڪ سنگين لاپرواهي آهي ۽ اهڙي لاپرواهي ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجي، اسان وفاقي حڪومت کان گهر ٿا ڪريون ته جيترو به جلد ممڪن ٿي سگهي صوبن کي ويڪسين ڏياري وڃي، جيئن ان جي عمل ۾ رخنو نه پوي ۽ اڳ ٿيل محنت ضايع نه ٿئي، هيءَ هڪ قومي جنگ آهي ۽ ان ۾ اسان کي هڪ قوم وانگر ڀرپور نموني سان وڙهڻو پوندو، اسان اهو قطعي به نٿا چئون ته وفاقي حڪومت ماڻهن جي صحت جو خيال نه آهي، پر هن معاملي ۾ ننڍڙي لاپرواهي به وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ان ڪري هن معاملي تي هر وقت الرٽ رهڻو پوندو ۽ سڄي ملڪ کي وقت تي ويڪسين سميت سمورا وسيلا فراهم ڪرڻا پوندا، جيئن عوام جي جان ۽ مال محفوظ رهي سگهن، اسان کي اميد آهي ته وفاقي حڪومت جلد کان جلد ويڪسين جي کوٽ کي پورو ڪري ملڪ ۾ پکڙجندڙ بيچيني ختم ڪري وٺندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو