186

ملتان جي نشتر اسپتال ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 3 مريض فوت

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 3 مريض فوت ٿي ويا آهن. جمعي تي نشتر اسپتال مان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جن ۾ ملتان سان تعلق رکندڙ 60 سالن جي فضيلت بي بي، 65 سالن جو الله رکا ۽ جهنگ سان تعلق رکندڙ 73 سالن جو ساجد حسين شامل آهن. نشتر اسپتال جي ڪورونا وارڊ جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عرفان ٻڌايو ته 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 104 مريضن کي اسپتال آندو ويو جن جون ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 27 ماڻهن جون ٽيسٽون پازيٽو آيون ۽ 42 جون ٽيسٽون نيگيٽو آيون جڏهن ته 35 جي رپورٽ اڃان اچڻي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو