اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سي پيڪ جي ٻئين مرحلي ۾ صنعتي ۽ زرعي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. سي پيڪ اٿارٽي اختيارين مطابق ان مرحلي ۾ سائينس ۽ ٽيڪنالوجي ۽ سياحت جي شعبن ۾ پڻ ترقي ڏني ويندي. انهن ٻنهي شعبن ۾ پاڪستان کي چيني ماهرن جو ڀرپور سهڪار حاصل رهندو ته جيئن ملڪ جي صنعتي ۽ زرعي پيداوار ۾ نمايان اضافو ڪري سگهجي. وزيراعظم جي ويزن مطابق ملڪ جي غريب طبقي جي خوشحالي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ اهو ئي سبب آهي ته سي پيڪ پاڪستاني معاشري ۽ عوام جي حالت ۾ بهتري لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندو.
200