166

آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ 3 ڪروڙ 43 لک 77 هزار کان وڌي ويو

 واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ 3 ڪروڙ 77 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته سڄي ملڪ وائرس سبب هيل تائين 6 لک 16 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن . گذريل ڏينهن تي سڌ سماءِ جي ذريعن جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 34377592 تائين پهچي ويو آهي . آمريڪي صحت کاتي جي اختيارين موجب ملڪ ۾ ڪوروناوائرس  جي فعال ڪيسن جو انگ 5119713 آهي جڏهن ته موتمار وائرس سبب ملڪ ۾ هيل تائين 616440 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن . آمريڪي  اختيارين  موجب ملڪ ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس سبب متاثر 28641439 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو