اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان مان پرڏيهي فوج جي واپسيءَ بعد عالمي برادريءَ جي مسلسل رابطن جي ضرورت آهي. يورپي يونين ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي منظم ۽ سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي. پرڏيهي وزير انطاليه ڊپلوميسي فورم جي اجلاس جي موقعي تي جمعي ڏينهن ترڪيءَ ۾ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بورئيل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ٻه طرفن ناتن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو. ملاقات ۾ افغان امن عمل ۽ غير قانوني طور ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ معاملن تي به غور ويچار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان تي عملدرآمد سان ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مضبوط ٿيا. شاهه محمود قريشي چيو ته جي ايس پي پلس ٻه طرفي طور فائديمند ثابت ٿيو، ٻنهي طرفن جي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ ان اهم ڪردار ادا ڪيو. جي ايس پي پلس جي تسلسل سهڪار سان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ملڪن ۾ معيشت ۽ واپار وڌيڪ وڌڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزير پاڪستان طرفان جي ايس پي پلس بابت 27 نڪاتي انٽرنيشنل ڪنويشنز تي عملدرآمد جو يقين ڏياريو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، ايف اي ٽي ايف طرفان اُٿاريل 27 نُڪتن مان 26 نُڪتن تي عملدرآمد ڪري چڪو آهي، اميد آهي ته ايف اي ٽي ايف جي ايندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي سنجيده ڪوششن کي نظر ۾ رکندي گري لسٽ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويندي. ٻنهي اڳواڻن ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي معاملن تي به ڳالهايو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي اسلاموفوبيا جي وڌندڙ رجحان تي پاڪستان جي ڳڻتيءَ کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته افغانستان مان پرڏيهي فوج جي واپسيءَ بعد عالمي برادريءَ جي لڳاتار رابطن جي ضرورت آهي. ٻنهي اڳواڻن سمورن افغان ڌُرين تي افغان امن عمل ۾ سياسي حل لاءِ موجوده تاريخي موقعي مان فائدو کڻڻ تي زور ڀريو ۽ افغان امن عمل ۾ سهولتڪاري ۽ افعان پناهگيرن جي آبادڪاريءَ ۾ سهڪار ۽ واپسيءَ بعد افغانستان جي استحڪام لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪ طرفن ۽ غير قانوني قدمن سان يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي آگاهه ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته يورپي يونين غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي منظم ۽ سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي سان پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي اعليٰ قيادت کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني جيڪا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي.
181