اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) فنانس بل 2021ع ۾ موجود قانوني ۽ فني رڪاوٽن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ ٻه ڪميٽيون جوڙيون آهن. فني ڪميٽي جي چيئرمين نعيم اختر شيخ، شريڪ چيئرمين ايف بي آر جي ميمبر آءِ آر پاليسي چوڌري محمد طارق ۽ ميمبر ڪسٽمز پاليسي سيد حامد علي هوندا. ٻين ميمبرن ۾ اشفاق توله، سرپرست پاڪستان ٽيڪس بار ڪراچي عبدالقادر ميمڻ، سيد ياور علي چيئرمين پاڪستان بزنس ڪائونسل ڪراچي، شهزاد حسين اڳوڻو پارٽنر اي ايف فرگوسن اينڊ ڪمپني، خرم مختار سرپرست اعليٰ پي ٽي اي اي، سعديه نذير پارٽنر ڪي پي ايم جي، حافظ محمد ادريس ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ ۽ اڳوڻو صدر ٽيڪس بار، حبيب فخر الدين ۽ عبدالوهاب قدوائي شامل آهن. جڏهن ته ٻي ڪميٽي بزنس جي چيئرمين سلطان علي الانه چيئرمين ايڇ بي ايل هوندو جڏهن ته شريڪ چيئرمين ايف بي آر جي ميمبر آءِ آر پاليسي چوڌري محمد طارق، ميمبر ڪسٽمز پاليسي سيد حامد علي هوندا. ٻين ميمبرن ۾ احسان اي ملڪ سي اي او پاڪستان بزنس ڪائونسل، محمد شارق وهره صدر ڪي سي سي آءِ، عرفان صديقي صدر او آءِ سي سي آءِ، شير باز الياس غضنفر بلور صدر سرحد چيمبر، عبدل صمد صدر ڪوئيٽه چيمبر، ميان ناصر حيات مگو صدر ايف پي سي سي آءِ، ميان طارق مصباح صدر ايل سي سي آءِ، عادل بشير چيئرمين اي پي ٽي ايم اي، عاصف پير صدر آمريڪن بزنس ڪائونسل، اسد شاهه ڊائريڪٽر ايڪسٽرنل افيئرز پي ٽي سي ۽ عامر وحيد اڳوڻو صدر اسلام آباد چيمبر شامل هوندا. ٻنهي ڪميٽين جا پي او آرز ۾ نشاندهي ٿيندڙ قانوني ۽ فني کوٽ کي ٻيهر پرکي ايف بي آر جي لاءِ مشورو ڏيڻ آهي. فني ۽ قانوني رڪاوٽن جي نشاندهي ڪري ان جو اطلاع 22 جون 2021ع تائين شريڪ چيئرمين چوڌري محمد طارق ۽ ميمبر ڪسٽمز پاليسي سيد حامد علي ايف بي آر هيڊ ڪوارٽر جي ڪمري نمبر (348 ڪسٽمز) ۽ ڪمرو نمبر (355 آءِ آر) ٿرڊ فلور تي ڏئي سگهجي ٿي.
194