اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن ستل آهي، اسان جو ڪجهه نه بگاڙيندي، وزيراعظم عمران خان 5 سال پورا ڪندو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته قومي اسيمبلي ۾ 3 ڏينهن جيڪو ٿيو ان سان جمهوريت کي عزت نه ملي، اسان کي اپوزيشن سان جوڊو ڪراٽي ناهي ڪرڻو، اسلام آباد ۾ ڏوهه ختم ڪرڻ اسان جو مشن آهي، آءِ جي کي چوان ٿو ته شهر کي منشيات کان پاڪ ڪرائي، هن چيو ته ننڍن وڏن غريبن کي پڪڙي وڏن کي نه ڇڏيو، ڇو ته هتي قانون رڳو غريبن جي لاءِ ئي حرڪت ۾ ايندو آهي، اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي لاءِ بهتر قدم کنيا پيا وڃن، عورتن لاءِ هڪ بازار ٺاهيون پيا، دڪاندار به عورتون هونديون، ان حوالي سان ڊي سي کي هدايت ڏئي ڇڏي آهي.
205