182

سڄي دنيا ۾ خودڪشين جي واقعن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي: گڏيل قومون

جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنيوا ۾ واقع صحت بابت عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ٻُڌايو آهي ته سڄي دنيا ۾ هر 100 مان هڪ ماڻهو آپگهات سبب حياتي ضايع ڪري رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ادنوم گيبرس چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي تناظر ۾ سڄي دنيا جي ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس سبب خودڪشين ۾ واڌ ٿي آهي، آپگهات سبب فوتگيون ايڇ آءِ وي، مليريا ۽ ٻين عام بيمارين کان وڌيڪ آهن. سندس چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ آپگهات جي روڪٿام لاءِ صحت جو عالمي ادارو لائيو لائيف جي نالي سان مهم شروع ڪندو. رپورٽ مطابق 2019ع ۾ سڄي دنيا ۾ 7 لک ماڻهن آپگهات ڪئي هئي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ 2000ع بعد خودڪشين ۾ 36 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي جڏهن ته آمريڪا ۾ گذريل 20 سالن ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. صحت جي عالمي اداري جي تازي رپورٽ مطابق نوڪرين جي کوٽ، مالي پريشاني ۽ معاشري ۾ اڪيلائي ۽ شديد ذهني دٻاءُ سميت ٻيا سبب شامل آهن. خودڪشي جي روڪٿام لاءِ صحت جي عالمي اداري 4 طريقن سان حڪمت عملي ترتيب ڏني آهي، خودڪشين جي ذريعن تائين رسائي کي محدود ڪرڻ، ميڊيا کي خودڪشين خلاف ذميواراڻي رپورٽ کان آگاهه ڪرڻ، ننڍي ڄمار جي نوجوانن ۾ معاشرتي ۽ جذباتي زندگي جي مهارت کي هٿي ڏيڻ، خودڪشي جي فڪر ۽ طرز عمل جو سوچيندڙ ماڻهو جي جلد شناخت ۽ لائيو لائيف جي نالي سان مهم شروع ڪرڻ شامل آهن. ان کان علاوه ذهني صحت جي چئلينجن يا خودڪشي جي فڪر کان ڪامياب بحالي کي اجاگر ڪرڻ وارن مضمون سان گڏوگڏ ان خلاف جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا ڪمپنين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. خودڪشي جي بچاءُ جي هڪ جامع حڪمت عملي سمورن ملڪن لاءِ حتمي هدف هئڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو