141

پيپلز پارٽي خيبر پختونخوا طرفان بينظير ڀٽو شهيد جي سالگره ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي خيبر پختونخوا شهيد بينظير ڀٽو جي سالگره ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان جمعي ڏينهن پ پ جي صوبائي صدر چيو ته 21 جون تي بينظير ڀٽو جي سالگره جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي. سالگره تقريب سڄي صوبي ۾ تعلقي سطح تي ملهائي ويندي. هن چيو ته سڄي صوبي جي سمورن ڊويزنل ۽ ضلعن جي ذيلي تنظيمن کي شهيد بينظير ڀٽو جون سالگره تقريبون منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو