192

وزيراعظم عمران خان داسو ڊيم پهچي ويو، داسو ڊيم تي جاري تعميراتي ڪم جو جائزو وٺندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان داسو ڊيم پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم داسو ڊيم تي جاري تعميراتي ڪم جو جائزو وٺندو، داسو ڊيم فيز ون 2025ع ۾ مڪمل ٿي نيشنل گرڊ ۾ 2160 ميگاواٽ جي فراهمي شروع ڪندو جڏهن ته 2029ع ۾ فيز ٽو جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڊيم جي صلاحيت 4320 ميگاواٽ ٿي ويندي. وزيراعظم عمران خان جي پاور سيڪٽر سڌارن ۽ ملڪي پاڻي جي وسيلن جي بهتر استعمال جي ويزن تحت موجوده حڪومت ۾ داسو ڊيم تي ڪم جي رفتار کي وڌايو ويو، ڊيم جي تعمير لاءِ زمين جي خريداري جو ڪم مڪمل ڪيو ويو ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود ايس او پيز تي عملدرآمد ڪندي ڊيم جي تعمير جاري آهي. ان موقعي تي وزيراعظم ڊيم تي ڪم ڪندڙ غير ملڪي انجنيئرز ۽ مزدورن سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو