245

حڪومت پهريون ڀيرو زرعي شعبي جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن: سينيٽر اعجاز چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعجاز چوڌري چيو آهي ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو زرعي شعبي جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن، ماضي ۾ زرعي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو، نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بي گهر ماڻهن کي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ بهترين اسڪيم آهي، وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ ڪفايت شعاري جي ذريعي وڏي رقم جي بچت ڪئي آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته ملڪ جي 65 کان 70 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي، اڳوڻين حڪومتن زرعي شعبي ۽ سڌارن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، موجوده حڪومت جي قدمن جي ڪري ٽن سالن ۾ آبادگارن کي هر فصل ۾ منافع آهي، هاڻي 90 سيڪڙو آبادگار بنا وياج قرض حاصل ڪري سگهندا، ٽريڪٽر ۽ ٻين زرعي اوزارن تي به بنا وياج قرض فراهم ڪيو پيو وڃي، آبادگارن کي انهن جي فصل جي بهتر معاوضي ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪميونٽي اسٽوريج جو تصور پيش ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ 12 ارب روپيا زرعي ضرورتن لاءِ رکيا ويا آهن، هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بي گهر ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي جنهن ۾ 300 ارب روپين جي سيڙپڪاري ٿيندي ۽ 20 لک روپيا قرض 3 کان 5 سيڪڙو جي شرح تي حاصل ڪري سگهجي ٿو، ٽي لک روپيا حڪومت سبسڊي ڏيندي، پيپلزپارٽي 35 سال پهرين 50 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان هائوسنگ اسڪيم شروع ڪئي هئي، ان 50 ڪروڙ روپين جو حساب ڪير ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ آبادي مان صرف 29 لک ماڻهو ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندا آهن، ڪو اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنهن واپاري کي گرفتار نه ڪري سگهندو، اسان ٽيڪس نظام ۾ تبديلي آندي آهي، قائداعظم فلاحي رياست جو تصور پيش ڪيو هو، وزيراعظم عمران خان مديني جي رياست جي طرز تي رياست قائم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي، 2018ع ۾ وزيراعظم هائوس جي خرچن جي مقابلي ۾ وزيراعظم عمران خان 49 سيڪڙو ۽ وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ 29 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو