201

بلوچستان جي لاءِ اربين روپين جا فنڊز مختص ڪيا ويا آهن: سينيٽر دنيش ڪمار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر دنيش ڪمار چيو آهي ته بلوچستان جي لاءِ اربين روپين جا فنڊز مختص ڪيا ويا آهن، وزيراعظم عمران خان محسن بلوچستان آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته تازي بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ 900 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن بجيٽ ۾ ڏکڻ بلوچستان جي لاءِ اربين روپيا رکيا ويا آهن، اها بجيٽ صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ وٺي بڻايو ويو آهي، هن چيو ته ان بجيٽ ۾ بلوچستان کي ان جو حق ڏنو ويو آهي، اتر بلوچستان جي لاءِ اربين روپيا مختص ڪيا ويا آهن، بلوچستان جي يونيورسٽين جي لاءِ وڏا فنڊ مختص ڪيا ويا آهن، هن چيو ته بلوچستان ۾ 20 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ان جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن، هن چيو ته بلوچستان جي عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيـٺل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو