161

ملڪ ۾ محرومي جي خاتمي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن: مولانا عبدالغفور حيدري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته ملڪ ۾ محرومي جي خاتمي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته چين ۽ سعودي عرب اسان جا بهترين دوست آهن، افغانستان مان آمريڪي فوج هلي ويندي جنهن جا سڌا اثر عوام تي پوندا، هن چيو ته ملڪ ۾ محرومي جي خاتمي لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن ته جئين انهن کي ٻين صوبن جي برابر آڻي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو