113

پاڪستان بيت المال جي اهميت ۽ ڪارڪردگي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر عارف علوي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان بيت المال جي اهميت ۽ ڪارڪردگي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن وڌ کان وڌ غريب ۽ مستحق ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن، ان سلسلي ۾ عوامي آگاهي لاءِ خصوصي پروگرام جوڙڻ جي ضرورت آهي ڇو ته آبادي جو وڏو حصو بيت المال جي خدمتن بابت آگاهه نه آهي. اها ڳالهه هن مينيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال ملڪ ظهير عباس کوکر جي قيادت ۾ جمعي ڏينهن هتي گورنر هائوس ۾ ملاقات لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد ۾ ڊاڪٽر عدنان مجيد ۽ ٻيا به شامل هئا. صدر چيو ته عام طور تي اهو تاثر ڏٺو ويندو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ بيت المال جا فنڊز غريب ماڻهن جي علاج لاءِ استعمال نٿا ڪري سگهجن، هن چيو ته ان غلط فهمي کي ختم ڪرڻ گهرجي ته جيئن بيت المال جي فنڊن مان مستحقن کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن، هن واضح ڪيو ته گذريل سال 30 کان 35 ڪروڙ روپيا مستحقين جي علاج لاءِ بيت المال مان جاري ڪيا ويا، صدر وڌيڪ چيو ته غريب ۽ لاچار ماڻهن جي مدد لاءِ بيت المال جو وڌيڪ فعال هجڻ ضروري آهي، ان کان اڳ مينيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال صدر کي بيت المال جي خدمتن کان آگاهي فراهم ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو