210

خطرناڪ حالتن ۾ ڪم ٻارن کي جسماني ۽ نفسياتي صحت لاءِ نقصان آهي: ڊاڪٽر شيرين مزاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته ڪووڊ 19 اڻبرابريءَ کي وڌايو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻار خطرناڪ حالتن ۾ ڪم ڪندا آهن جيڪو انهن جي جسماني ۽ نفسياتي صحت لاءِ نقصانڪار آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن يو اين ڊي پي جي انتظام هيٺ چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ عالمي سال جي ياد ۾ رٿيل هڪ ويبنار کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته ٻارن سان مزدوري پاڪستان جي آئين جي خلاف ورزي آهي جيڪو 14 سالن کان گهٽ عمر کي منع آهي. آئين 16 سالن تائين ٻارن کي مفت تعليم جي فراهميءَ جو عهد ڪري ٿو. هن چيو ته اسان هڪ رياست جي حيثيت سان ٻارن کان مزدوري کي بين الاقوامي ليبر آرگنائيزيشن قانونن ۽ ٻارن جي حقن بابت بين الاقوامي ڪنوينشن مطابق هر طرح سان ختم ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهيون جنهن تي پاڪستان صحيحون ڪيون آهن. هن پاڪستان حڪومت طرفان ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪيترن قدمن تي روشني وِجهندي ٻُڌايو ته آءِ سي سي ايمپلائمينٽ آف چلڊرين ايڪٽ 1991ع ۾ هڪ ترميم ڪئي وئي آهي جيڪو 14 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کان گهريلو مزودريءَ تي پابندي لڳائي ٿي. چائلڊ ليبر جي وسعت جو اندازو لڳائڻ ۽ـ چائلڊ ليبر جي خاتمي جي پاليسي مؤثر انداز ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ يونيسيف جي تعاون سان هڪ سروي جاري آهي ان کي هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ تائين مڪمل ڪيو ويندو. ٻارن جي حقن تي قومي ڪميشن چلڊرين ايڪٽ 2017ع جي قومي ڪميشن تحت قانون لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪميشن ملڪ ۾ ٻارن جي حقن چائلڊ ليبر جي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته پاڪستان بيت المال چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ 159 بحالي مرڪز قائم ڪيا آهن جن ۾ نوڪريءَ کان نڪتل يا ڪڍيو ويندڙ ٻارن کي مفت تعليم ۽ وظيفو ڏنو ويندو آهي. احساس پروگرام معاشري جي غريب ترين طبقي لاءِ غير مشروط رقم ڏئي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو