128

متحده لسانيت پکيڙي پئي، ڪراچي جو امن ڪنهن کي به خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: ناصر شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلديات ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ايم ڪيو ايم (پاڪستان) جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته متحده لسانيت پکيڙي پئي، ڪراچي جو امن ڪنهن کي به خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته رسي سڙي وئي پر پڇ جو ور نه ويو، ايم ڪيو ايم هر معاملي ۾ لسانيت کي کڻي اچي ٿي، ان کان پاسو ڪيو وڃي، توهان ئي ته ڪراچي ۾ حددخليون ۽ غيرقانوني تعميراتون ڪرائي شهر جو ٻيڙو غرق ڪيو، هاڻي مانگر مڇ وارا ڳوڙها ڳاڙيو پيا، هن چيو ته ڪراچي جو جيڪڏهن توهان کي ايترو ئي سور آهي ته ان جو ثبوت ڏيو، وفاقي وزارتن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو،  مردمشماري تي پيپلزپارٽي جو واضح موقف آهي ته سنڌ سان زيادتي ٿي آهي، وڏو وزير مراد علي شاهه آئيني فورم معاملو اٿاريندو. هن چيو ته ڪراچي پرامن شهر بڻجي ويو آهي، ان جي پرامن ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو